اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خواجا آصف جي بيان بابت وضاحت ڪندي چيو ته ان وقت آءِ ايس آءِ جا آفيسر ايف اي ٽي ايف بلن تي پنهنجو ان پٽ ڏئي رهيا هئا. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خواجا آصف جي بيان جو جواب ڏيندي اسد قيصر چيو ته خواجا آصف ڪالهه دعويٰ ڪئي هئي ته سندس گهر ۾ آءِ ايس آءِ سان گڏجاڻيون ٿينديون هيون، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته اهو گهر اسد قيصر جو نه پر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو گهر هو. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته هو ايف اي ٽي ايف سان لاڳاپيل بلن تي حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪري رهيو هو، جڏهن ته آءِ ايس آءِ جا آفيسر به اينٽي مني لانڊرنگ ۽ ايف اي ٽي ايف بلن تي پنهنجو ان پٽ ڏئي رهيا هئا.اسد قيصر وڌيڪ چيو ته خواجا آصف چيو آهي ته سندس ضمير تي بار آهي، ته پوءِ هو اهو به ٻڌائي ته 8 فيبروري 2024 واريون چونڊون ڇا سندس ضمير تي بار ناهن؟ هن سوال ڪيو ته ڇا خواجا آصف ريحانا ڊار کان وڏي مارجن تان نه هارايو هو؟ اسد قيصر چيو ته جيڪڏهن واقعي خواجا آصف جي ضمير تي بار آهي ته کيس چوري ڪيل سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ۽ پنهنجي ضمير کي صاف ڪرڻ لاءِ ٻيهر ريحانا ڊار سان چونڊ وڙهڻ گهرجي.