گلگت بلتستان ۾ اسٽيبلشمينٽ جي خواهش باجود نواز ليگ،پ پ کي چئلينج نه ڪيو

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)تجزئي نگار سجاد انورچيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ شروعات ۾ پيپلز پارٽي کي 13 سيٽون ملنديون نظر اچي رهيون هيون، پوءِ ڪجهه نتيجن تي اعتراض آيو، انگ گهٽجي 9 ٿيو، هاڻي وري هڪ وڌيڪ سيٽ ملڻ کانپوءِ اهي 11 تي پهچي ويا آهن.منهنجي ڄاڻ موجب ڪجهه حلقا نٿا چاهين ته پيپلز پارٽي 13 سيٽن واري "جادوئي انگ” تائين پهچي، ڇو ته پوءِ اها آساني سان وڏو وزير چونڊي سگهي ها. ان ڪري ڪوشش ڪئي وئي ته آزاد اميدوارن کي مسلم ليگ (ن) سان گڏ آڻي پيپلز پارٽي جي اڪثريت کي روڪيو وڃي.هن چيو ته مسلم ليگ (ن) لاءِ مسئلو

اهو هو ته وفاقي بجيٽ پاس ڪرائڻ لاءِ کيس پيپلز پارٽي جي حمايت جي ضرورت هئي. ٻنهي پارٽين وچ ۾ اڳ ئي اهو طئي ٿيل هو ته گلگت بلتستان ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت جي حمايت ڪئي ويندي، جڏهن ته گورنر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جا عهدا مسلم ليگ (ن) کي ملندا.انهيءَ ڪري مسلم ليگ (ن) اسٽيبلشمينٽ جي خواهش باوجود پيپلز پارٽي کي چئلينج ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي،هن چيو ته فيصل واوڊا جڏهن به سرگرم ٿيندو آهي ته ان جي پويان ڪو نه ڪو سياسي مقصد هوندو آهي.منهنجي خيال ۾ گلگت بلتستان ۾ مسلم ليگ (ن) جي پيپلز پارٽي خلاف نه بيهڻ تي ڪجهه حلقا ناراض آهن

 

You might also like