ڪراچي(رپورٽر)سنڌ ھاءِڪورٽ ۾ ڪراچي ايئرپورٽ تان گم ٿيل شفيع الله لاشاري جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ايف آءِ اي عدالت ۾ پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي پنهنجي جواب ۾ چيو ته شفيع الله سندن حراست ۾ ناهي، نه ئي اسان کيس گرفتار ڪيو آھي، عدالت پوليس اختيارين کي هدايت ڪئي ته شفيع الله جي بازيابي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ وڌيڪ ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. درخواستگذار جي وڪيل موجب شفيع الله لاشاري 2023 کان جدي۾ ڪم ڪري رهيو هو، هو 19 اپريل 2026 تي جدي کان ڪراچي ايئرپورٽ تي پهتو، کيس ايئرپورٽ تان کنڀيو ويو،