حيدرآباد(پ ر) سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ،سنڌو درياھ تي ڌاڙي، 28ھين ترميم، ڪرپشن، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي متحد ۽ مضبوط سنڌ جي عنوان سان اڄ ستين ڏينھن بہ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ريليون مظاھرا ڪيا ويا. حيدرآباد ۾ تعلقي سٽي جي علائقي صبحان الله ڪالوني ۽ علي آباد ۾ پيادل مارچ ڪري نذير بليدي، نور حسن جمالي، خير جان چانڊيو، چيتن ڪمار، اميت ڪمار، نند لال، راحيل ڪمار، ڪيلاش ڪمار، معشوق چانڊيو، الطاف خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،شجاع آباد ۾ ڪامريڊ ڪرڙ رٻاري،مقصود احمد ڀرڳڙي،هادي بخش ڀرڳڙي سمن ڳوٺ ۾ واپارين، دوڪاندارن، آبادگارن کي پيغام ڏنو.گجو شھر ۾ مرتضي لاشاري، حبيبﷲ پليجو ۽ ٺل ۾ وهاب سنڌي،ارشاد ڪنراڻي،زاهد حسين،عارف بلوچ ملير۾ منان شيخ،فرمان لاڙ،فياض اُتيرو، ملير بار ۽ ميھڙ بار ۾ ايڊوڪيٽ مقصود سومرو، ايڊوڪيٽ عابد جوڻيجو، ھينڊ بل ورھايا،الطاف خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ پنجاب عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ڏيڍ سئو سالن کان درياھ تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي. ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ پنجاب ڏاڍ مڙسي ذريعي سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي. سنڌ جي ساحلي پٽي ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. پاڻي جي کوٽ سبب بيٺل فصل سڪي سڙي رهيا آهن. هاري ۽ آبادگار معاشي بدحالي جو شڪار آهن. اسان ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي سازش ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.