سنڌ ۾ خوراڪ کاتي جو 58 ارب رپين جي خرچن جو رڪارڊ غائب

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جو خوراڪ کاتو پي اي سي کي 58 ارب رپين جو رڪارڊ آڊٽ لاءِ فراهم نه ڪري سگهيو جنهن تي پي اي سي بي ضابطگين جي خدشي سبب 58 ارب رپين جو آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪندڙ 6 ضلعن جي فوڊ ڪنٽرولرن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اڱاري ڏينهن پي اي سي جو اجلاس چيئرمين نثار احمد کهڙو جي صدارت هيٺ ڪاميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ خوراڪ کاتي جي سال 2024ع ۽ 2025ع جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري، ڊي ايف سيز، ڊي جي سنڌ فوڊ اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن  شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ آڊٽ اعتراض اٿاريو ته خوراڪ کاتي جي مختلف ضلعن جي ضلعي فوڊ ڪنٽرولرن 58 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جو رڪارڊ آڊٽ کي فراهم نه ڪيو آهي جنهن ۾ ڊي ايف سي لاڙڪاڻو 21,271 ملين، ڊي ايف سي خيرپور 16,819 ملين، ڊي ايف سي شڪارپور 9,886 ملين، ڊي ايف سي ملير 7,221 ملين، ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ ڪراچي 3,081 ملين، ڊي ايف سي مٺي 254 ملين ۽ ڊي ايف سي نوشهروفيروز 120 ملين رپين جو ريڪارڊ شامل آهي اهو رڪارڊ آڊٽ لاءِ مهيا نه ڪيو ويو جڏهن ته کاتي جي ڊي اي سي طرفان لاڳاپيل ڊي ايف سيز خلاف ڪارروائي جي سفارش پڻ ڪئي وئي هئي پر اڃا تائين ڪا ڪارروائي نه ٿي آهي۔چيئرمين پي اي سي نثار احمد کهڙو پڇاڻو ڪيو ته ڊي ايف سيز طرفان 58 ارب رپين جو رڪارڊ آڊٽ لاءِ ڇو فراهم نه ڪيو ويو جڏهن ته آڊٽ رڪارڊ نه ڏيڻ اهو ظاهر ڪري ٿو ته شايد گھپلا ۽ بي ضابطگيون ٿيون آهن ۽ اهو عمل غفلت جي زمري ۾ اچي ٿو. ڊي ايف سي خيرپور پي اي سي کي ٻڌايو ته اينٽي ڪرپشن کاتو رڪارڊ سيل ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويو آهي تنهنڪري آڊٽ کي رڪارڊ فراهم نه ڪري سگهيا آهيون ان تي چيئرمين پي اي سي چيو ته نيب هجي يا اينٽي ڪرپشن کاتو ھجي جيڪڏهن اهي رڪارڊ پاڻ سان کڻي وڃن ٿا ته ان جي ڪاپي لاڳاپيل آفيسرن ۽ کاتي کي ڏني ويندي آهي. آر بي او ڊي واري معاملي ۾ به کاتي اهڙو ئي بهانو ٺاهيو هو.پي اي سي بي ضابطگين جي خدشي کي نظر ۾ رکندي 58 ارب رپين جو آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪندڙ لاڳاپيل 6 ضلعي فوڊ ڪنٽرولرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو خوراڪ کاتي کي حڪم ڏئي ڇڏيو۔ اجلاس ۾ اهو به انڪشاف ٿيو ته خوراڪ کاتو 2023ع دوران ڄامشورو، سکر، عمرڪوٽ ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ 32 ارب رپين جي ڪڻڪ خريداري جو ٽارگيٽ پورو نه ڪري سگهيو. کاتي جو چوڻ هو ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي قيمت سرڪاري اگهه کان وڌيڪ هجڻ سبب سرڪاري خريداري نه ٿي سگهي.اجلاس ۾ خوراڪ کاتي اعتراف ڪيو ته هلندڙ مالي سال دوران سنڌ حڪومت پاران مقرر ڪيل 10 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريداري جي هدف مان رڳو 81 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي وئي آهي جنھن تي چيئرمين پي اي سي نثار احمد کهڙو پڇاڻو ڪيو ته هلندڙ سال ڪيتري ڪڻڪ خريد ڪئي وئي آهي؟ جنهن تي خوراڪ کاتي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت 10 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو هو پر مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي قيمت سرڪاري اگهه کان وڌيڪ هجڻ سبب آبادگارن پنهنجي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪئي جنهن ڪري رڳو 81 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ٿي سگهي آھي۔چيئرمين نثار احمد کهڙو چيو ته خوراڪ کاتي خريداري مرڪز دير سان ڇو قائم ڪيا؟ ۽ جن ساڍن ٽن لکن آبادگارن کي 56 ارب رپين جي سبسڊي ذريعي ڪڻڪ جي فصل لاءِ مفت ڊي اي پي ۽ ڀاڻ فراهم ڪئي وئي انهن آبادگارن کي سرڪار کي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ جو پابند ڇو نه بڻايو ويو؟ھن چيو ته سنڌ حڪومت اربين رپين جو قرض وٺي سرڪاري اگهه تي ڪڻڪ ان ڪري خريد ڪري ٿي ته جيئن ڪڻڪ جو ذخيرو موجود رهي ۽ کوٽ جي صورت ۾ سرڪاري گودامن مان فلور ملز کي ڪڻڪ فراهم ڪري سگهجي ته جيئن اٽو مهانگو نه ٿئي. هاڻي جڏهن فلور ملز مارڪيٽ مان ڪڻڪ خريد ڪئي آهي ۽ اٽو مهانگو وڪرو ٿي رهيو آهي ته ان جوذميدار ڪير آھي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪڻڪ جي کوٽ ٿي ته ڇا پوءِ وري يوڪرين مان ڪڻڪ گھرائي ڪئي ويندي؟

 

You might also like