آءِ ايم ايف نه، اسان جون پنهنجون پاليسيون اصل مسئلو آهن: شاهد خاقان

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي وزيراعظم ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي ڪنوينر شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي  مسئلن جو ذميوار آءِ ايم ايف نه، پر ملڪ جون پنهنجون معاشي پاليسيون آهن، جڏهن ته حڪومت وسيلن کان وڌيڪ خرچ ڪري رهي آهي، پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت جو موجوده بجيٽ بي معنيٰ بڻجي ويو آهي ۽ گذريل چار سال پاڪستان جي معيشت لاءِ انتهائي ڏکيا ثابت ٿيا آهن، هن چيو ته بجيٽ ۾ عوام کي ڪو حقيقي رليف نه ڏنو ويو آهي، رڳو ڪجهه پراڻا ٽيڪس واپس ورتا ويا آهن، جڏهن ته نون اڻ سڌن (بالواسطه) ٽيڪسن جو بار هر پاڪستاني کي برداشت ڪرڻو پوندو، وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مالي معاملا ڳڻتي جوڳي صورت اختيار ڪري چڪا آهن ۽ ملڪ مسلسل قرضن جي بار هيٺ دٻجي رهيو آهي، قرض وڌي رهيا آهن، پر معاشي سڌارا نظر نٿا اچن، جڏهن ته قرضن تي سود جي ادائيگيون قومي معيشت تي سڀ کان وڏو بار بڻجي چڪيون آهن، شاهد خاقان عباسي چيو ته معاشي ڪمزوري قومي سلامتي تي به اثرانداز ٿئي ٿي، حڪومت وسيلن کان وڌيڪ خرچ ڪري رهي آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ خرچ پورو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻا پوندا آهن، پر عوام تي وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ مسئلن جو حل ناهي، هن زور ڀريو ته قومي وسيلن جي ضايع ٿيڻ کي روڪڻ هاڻي ناگزير بڻجي ويو آهي، معاشي بحران مان نڪرڻ لاءِ قومي اتفاقِ راءِ ضروري آهي، جڏهن ته موجوده بجيٽ عوامي اميدن تي پورو نٿو لهي، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت جو ڍانچو ۽ خرچ مسلسل وڌي رهيا آهن، جڏهن ته ملڪ کي قرض، مهانگائي ۽ ٽيڪسن جي دائري مان ڪڍڻ لاءِ سنجيده قدمن جي ضرورت آهي، جنهن ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه هوندو، اتي سيڙپڪاري به نه ايندي، هن سوال اٿاريو ته جيڪو ملڪ بنيادي سڌارن بابت ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هجي، اهو اڳتي ڪيئن وڌي سگهي ٿو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.