اسلام آباد(بيورو)وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته حيدرآباد ۽ ڪراچي اسان لاءِ تمام گهڻا اهم آهن، گذريل 75 سالن دوران حيدرآباد ۾ ڪا وفاقي يونيورسٽي نه ٺهي،. وفاقي حڪومت خاص گرانٽ جاري ڪري حيدرآباد جي نوجوانن لاءِ يونيورسٽي قائم ڪئي،قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته حيدرآباد – سکر موٽروي، جيڪا 2021ع تائين مڪمل ٿي وڃڻ گهرجي ها، گذريل حڪومت ان منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو هو. هاڻي ان تي ٻيهر ڪم شروع ڪيو پيو وڃي، ۽ انشاءَ الله ايندڙ ٽن کان چئن سالن اندر سکر – حيدرآباد موٽروي به مڪمل ڪئي ويندي.ايم-9 (ڪراچي – حيدرآباد موٽروي) جي نئين الائنمينٽ تي پڻ ڪم شروع ٿي چڪو آهي.هن چيو ته وفاقي حڪومت 150 ارب رپين جي لاڳت سان ڪي-فور منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي، ۽ واپڊا يقين ڏياريو آهي ته انشاءَ الله ڊسمبر 2026ع تائين ڪي-فور ذريعي ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر قابل احترام آهي،. هڪ وقت هو جڏهن هو اوهان جي هن ڪرسيءَ تي ويٺل هوندا هئا، ۽ اسان اها جمهوريت به ڏٺي آهي، جڏهن اسان پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرائڻ لاءِ سندس آڏو منٿون ڪندا هئاسين، پر پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيندا هئا.اسان پارليامينٽ جي اها آزادي به ڏٺي آهي، جڏهن هڪ ڪرنل هتي ايڊجورنمينٽ موشن بابت فيصلا ڪندو هو ۽ ايوان جو "آرڊر آف دي ڊي” به سندن مرضي سان ٺهندو هو.اڄ اوهان هن ڪرسيءَ تي ويٺل اسپيڪر خودمختيار آهي ۽ پنهنجي صوابديد موجب ايوان جو ڪارروائي پروگرام ترتيب ڏئي ٿو،هن چيو ته هي ماڻهو عدليه جي آزاديءَ جون ڳالهيون ڪن ٿا، پر اسان اها عدليه به ڏٺي آهي، جڏهن پنجاب ۾ لوڪل گورنمينٽ بحال ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نو مهينن تائين عمل نه ڪيو ويو ۽ ان کي نظرانداز ڪيو ويو.هي فاشزم جون ڳالهيون ڪن ٿا، پر اسان جيل به ڏٺا آهن. خواجه آصف شهباز شريف،نواز شريف،مريم نواز،حمزه شهباز،خواجه سعد رفيق رانا ثناءُ الله جيل ڏٺو. مان آخر ڪيترن ماڻهن جا نالا ڳڻايان؟