اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شرميلا فاروقي وفاقي بجيٽ 2026-27 تي سخت تنقيد ڪندي ان کي معاشي تباهي جو پيش خيمو قرار ڏنو آهي. هن هڪ منفرد ڀيٽ پيش ڪندي دعويٰ ڪئي ته حڪومت بجيٽ ۾ ملڪ جي نوجوانن جي قيمت اسلام آباد جي هڪ سموسي کان به گهٽ لڳائي آهي. هن ملڪ جي 16 ڪروڙ کان وڌيڪ نوجوانن لاءِ "اٽي ۾ لوڻ برابر” جيتري بجيٽ مختص ڪرڻ ۽ غريب عوام تي وڌايل ٽيڪسن خلاف پارليامينٽ اندر سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو.شرميلا فاروقي بجيٽ دستاويزن جو حوالو ڏيندي چيو ته هن بجيٽ ۾ ملڪ جي مستقبل، يعني نوجوانن، لاءِ عملي طور ڪجهه به نه رکيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ هن وقت لڳ ڀڳ 16 ڪروڙ 30 لک (163 ملين) نوجوان موجود آهن، پر حڪومت انهن لاءِ صرف 5 ارب رپيا مختص ڪيا آهن.هن چيو ته اڄ اسلام آباد ۾ هڪ عام سموسو به 40 رپين ۾ ملي ٿو، جنهن جو مطلب اهو آهي ته هن حڪومت پنهنجي ملڪ جي نوجوان جي قدر ۽ قيمت هڪ سموسي کان به گهٽ، يعني صرف 32 رپيا لڳائي آهي بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي چيڀاٽيو ويو آهي، جڏهن ته ڪريڊٽ ڪارڊ هولڊرن ۽ هوائي جهازن جي فرسٽ ڪلاس ۾ سفر ڪندڙ اشرافيه کي رليف ڏنو ويو آهي.هن وڌيڪ چيو ته اڳ ئي ٽيڪس ڏيندڙ وچولي طبقي ۽ پگهاردار ماڻهن تي وڌيڪ ٽيڪسن جو ڳرو بار وڌو ويو آهي. پاڪستان ۾ بجلي ۽ پيٽرول جون قيمتون سڄي خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن، پر ان جي باوجود وزيرن کي ڪارڪردگي جا ميڊل ورهايا پيا وڃن.هن اٿاريو ته، "ڇا اڄ جي دور ۾ 8 هزار رپيا ڪمائيندڙ ماڻهو پنهنجو گهر هلائي سگهي ٿو؟”.شرميلا فاروقي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن آبادي جي واڌ جي موجوده شرح برقرار رهي ته 2050ع تائين پاڪستان جي آبادي 39 ڪروڙ تائين پهچي سگهي ٿي. روزگار، تعليم ۽ صحت جي موجوده کوٽ کي نظر ۾ رکندي اها آبادي ملڪ لاءِ هڪ وڏو سماجي ۽ معاشي الميو ثابت ٿي سگهي ٿي