اسلام آباد(بيورو)پ پ ايم اين اي عبدالقادر گيلاني قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيو آهي ته جڏهن اسين اسڪول ۾ پاڪستان اسٽڊيز پڙهندا هئاسين ته پهريون سبق اهو پڙهايو ويندو هو ته پاڪستان هڪ زرعي معيشت آهي، يعني 70 سيڪڙو معيشت زراعت تي دارومدار رکي ٿي. هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا اسان اڃا به 70 سيڪڙو زرعي معيشت آهيون يا گهٽجي وياسين؟هن چيو ته ملتان جو مثال ڏيون ته 36 هزار ايڪڙ بهترين زرعي زمين ختم ڪري اتي هائوسنگ سوسائٽيون ٺهي رهيون آهن. زرعي زمين کي رهائشي منصوبن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪا واضح پاليسي موجود ناهي. هن چيو ته بجيٽ ۾ 407 ارب رپيا ڀاڻ تي سبسڊي ڏني وئي آهي. اصل مسئلو اهو آهي ته سبسڊي صوبن کي ملڻ گهرجي، ڇو ته زراعت صوبائي معاملو آهي. جيڪڏهن وفاق ڏئي به رهيو آهي ته يقين ڏياريو وڃي ته هي پئسو حقيقي غريب هاري تائين پهچي، نه ته وچ وارا مافيا ۽ ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪمپنيون فائدو کڻي وينديون.بهتر ٿيندو ته هارين لاءِ اهڙو ڪارڊ سسٽم ٺاهيو وڃي جيئن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آهي، جنهن سان کين ڀاڻ ۽ ڊيزل تي سڌي سبسڊي ملي سگهي.هن چيو ته ڪڻڪ جي حوالي سان به صورتحال خراب آهي،جيڪڏهن زراعت غير منافع بخش ٿي وئي ته ماڻهو پوکڻ ڇڏي ڏيندا، پوءِ اسان کي ڪڻڪ به امپورٽ ڪرڻي پوندي، پاڻي جي کوٽ ۽ موسمي تبديليون وڏا مسئلا آهن. دريائن جي وهڪرن ۾ تبديلي اچي رهي آهي، ٻوڏن جو خطرو آهي. پاڻي بچائڻ لاءِ قومي پاليسي ضروري آهي.زرعي تحفظ ۽ فوڊ سيڪيورٽي جي ادارن کي به درست ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته ان ۾ بي ضابطگيون آهن.هن چيو ته آئيني ترميم ۽ صوبن بابت به بحث هلي رهيو آهي. ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته 12 نوان يونٽ ٺاهيا وڃن، پر اسان جي راءِ ۾ مسئلو نون يونٽن جو ناهي، پر انهن علائقن کي حق ڏيڻ جو آهي جتي عوام پنهنجو صوبو گهري رهيو آهي، هن چيو ته اسان حڪومت ۽ اتحادي جماعتن کان اپيل ڪريون ٿا ته ڏکڻ پنجاب کي ان جو آئيني ۽ انتظامي حق ڏنو وڃي. اسان ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالهه نه ٿا ڪريون، پر صوبائي حقن جي ڳالهه ڪريون ٿا.