گمبٽ (رپورٽ: شير محمد ناريجو) گمبٽ ڀرسان ڳوٺ منٺار جاگيراڻي جو رهواسي 20 سالن جو نوجوان هٿياربندن هٿان قتل، ڳوٺ منٺار جاگيراڻي جي رهواسي 20 سالن نوجوان پورهيت ڪارگو رڪشا هلائيندڙ نور احمد عرف نورل جاگيراڻي کي ڪار ۾ سوار اڻ سڃاتل هٿيار بندن فائرنگ ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جي لاش کي گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته حد جي پوليس جو چوڻ آهي ته هي واقعو پراڻي دشمني سبب پيش آيو وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.