شادي تقريب ۾ هوائي فائرنگ، شاگرد سميت 2 نوجوان مارجي ويا

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ۾ هٿيارن جي نمائش ۽ هوائي فائرنگ جي وڌندڙ ڪاررواين هڪ دفعو ٻيهر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي تي سنگين سوال اٿاري ڇڏيا، اورنگي ٽائون ۾ شادي جي تقريب  دوران هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ ميٽرڪ جي شاگرد سميت 2 نوجوان مارجي ويا، اورنگي ٽائون سيڪٽر بي 14 پاڪستان بازار جي حدن ۾ واقع جوهر چوڪ جي ڀرسان شادي جي تقريب جاري هئي ته ان دوران ٿيل هوائي فائرنگ ٻن نوجوانن کان حياتي کسي ورتي، ريسڪيو اختيارين موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ 17 ورهين جو سيف الله ولد شمشاد ٿڏي تي مارجي ويو، 15 ورهين جو انس سخت زخمي ٿي پيو، زخمي نوجوان کي شروعاتي طبي امداد کان پوءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو پر اهو صحتياب نه ٿي سگهيو، عباسي شهيد اسپتال ۾ ٻنهي نوجوانن جا لاش پهچڻ تي قهرام مچي ويو، مقتول سيف الله جي چاچي شاهين پرويز موجب سيف الله چئن ڀينرن ڀائرن مان ٽئين نمبر تي هو جيڪو ميٽرڪ جو شاگرد هو اهو شادي جي خوشي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ويو هو، پر ڪجهه وقتن جي هوائي فائرنگ اُن کان حياتي کسي ورتي. ڇيپا اختيارين موجب 15 ورهين جي انس جي مٿي تي گولي لڳي جڏهن ته 17 ورهين جي سيف الله جي سيني تي گولي جو نشان آهي، ايس ايڇ او پاڪستان بازار ٿاڻي معراج انور موجب واقعي جي فوري بعد ڪارروائي ڪندي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته انهن جي قبضي مان 2 پسٽل به هٿ ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.