ڪيٽي بندر ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي

ڳاڙهو (ن ع آ) ڪيٽي بندر ٿاڻي جي حد ديھه کيرسر ۾زميني تڪرار تان رٽا برادري ۽پاتڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب هڪ ماڻهو قتل ٿي ويو، هڪ زخمي ٿي پيو، ٻگھاڻ ويجهو ڳوٺ عثمان پاتڻي ۾ رٽا برادري ۽ پاتڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾زمين جي معاملي تي تڪرار سبب جهيڙو لٺيون ڪهاڙيو لڳڻ سبب عابد رٽو قتل جڏهن ته رشيد پاتڻي زخمي ٿي هوڏانهن مقتول جو لاش پوليس تحويل ۾وٺي پوسٽ  مارٽم لاءِ مڪلي جي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، زخمي کي پڻ رول ھيلٿ سينٽر ٻگھاڻ اسپتال آندو ويو، هڪ ڄڻي جي قتل کان پوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، مقتول جي وارثن پاران قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.