ڪراچي (رپورٽر) سينيئر صحافي ۽ سياسي دانشورمهيش ڪمار چيو آهي ته زلف پيرزادي جي شخصيت تي ٻڌل ڪتاب ” ڀيڄ ڀني ءَ ڀاڻان “ جديد سنڌ جي هڪ سياسي ، صحافتي ۽ ادبي دور جي تاريخ آهي ، جنهن کي قلمبند ڪيو ويو آهي ، اهڙو اظهار هن زلف پيرزادي جي ڪتاب جي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ٿيل مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو ، هن چيو ته مون کي اهو چوڻ ڏيو ته جديد سنڌ جي سياسي ،صحافتي ،سماجي ۽ ادبي تاريخ ٻلهڙيجي جي پيرزادن کانسواءِ مڪمل نٿي ٿي سگهي ، ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته اڄ جي دور ۾ سنڌ تي جيڪو ” منشيات “ ذريعي حملو ڪيو ويو آهي ، تنهن سان مقابلو ڪرڻ جي ضرورت آهي ، هر خاندان کي اڄ پنهنجي گهر ۾ موجود نوجوان تي نظر رکڻ کپي ، ڪامريڊ عرس سيلري چيو ته زلف نيوز ڊيسڪ تي به آدرشي ۽ پورهيت دوست صحافت ڪئي . ڊاڪٽر ماروي پليجو چيو ته عورتن جي آزادي ۽ انهن کي اڳتي وڌائڻ ۾ رسول بخش پليجي ۽ انور پيرزادو جي خاندانن جو نمايان هٿ آهي ، زرار پيرزادي چيو ته ڀائو زلف جي ونيءَ هڪ بهترين ،ڪامياب ۽ شاندار ڪتاب آڻي پاڻ کي بهترين مرتب طور متعارف ڪرايو آهي،ناصر خٽڪ چيو ته ڀائو زلف جي نظرياتي صحافت نئين نسل لاءِ مشعل راهه آهي ، ڀائو زلف جي وني خالده پيرزادو چيوته زلف حقيقي معني ٰ ۾ ترقي پسند ، نظرياتي ۽ فيمنسٽ شخص هو، جنهن جو مثال منهنجي عملي آزادي آهي ، سنڌو پيرزادو ڀائو زلف جو خانداني پسمنظر ٻڌائيندي چيوته هي اسان جي خاندان جو پهريون صحافي هو ، عوامي آواز بدين جي رپورٽر رازق ڏنو کوسي چيو ته ڀائو زلف ڊيسڪ تي بدين جا مسئلا اخبار ۾ ارٿاريا ۽ حل به ڪرايا، مسرور پيرزادي چيو ته ڀائوزلف، لفظ ”ڀائو “ ۽ ”ڪامريڊ“جو حق ادا ڪيو،هو سراپا انقلابي هو، مهورتي تقريب کي رحمت پيرزادي پڻ خطاب ڪيو، تقريب ۾ وڏي انگ ۾ ڀائو زلف جي صحافتي ۽ سياسي حلقي ۽ خاندان جي ماڻهن شرڪت ڪئي ، جنهن ۾ شاهه محمد پيرزادو، سلطانه وقاصي، رزاق سروهي ، عبدالله سروهي ،ڊاڪٽر مرلي لال،پشپا ولڀ، ڪرم علي شاهه ڪرم،گل محمد منگي ، سهيل ميمڻ ، شهناز راهو، احسان لغاري، زيد پيرزادو . لطيف راولاڻي ، امر پيرزادو، خالده نسرين ، آمنه ابڙو۽ ٻين شرڪت ڪئي