بلاول پاران بجيٽ اجلاس جو بائيڪاٽ، محسن نقوي کيس پرچائي آيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات کانپوءِ بجيٽ اجلاس جي بائيڪاٽ جو اعلان واپس وٺي ڇڏيو آهي. جمعي ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ خبر سامهون آئي ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي بجيٽ اجلاس جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته گلگت بلتستان ۾ اسان جي مينڊيٽ کي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ائين  نه ٿو ٿي سگهي ته هڪ طرف اسان جو مينڊيٽ چوري ٿئي ته ٻئي طرف اسان ويٺا تاڙيون وڄايون. سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ’ايڪس‘ تي جاري ڪيل بيان ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته بجيٽ اجلاس جي بائيڪاٽ جو فيصلو رڳو بلاول ڀٽو زرداري جي عدم شرڪت تائين محدود آهي، اجلاس ۾ پارٽي جا ٻيا ميمبر به شرڪت ڪندا. اهڙو بيان سامهون اچڻ کانپوءِ گهرو وزير محسن نقوي ۽ طلال چوڌري بلاول ڀٽو جي چيمبر ۾ پهچي ويا ۽ ڪجهه دير کانپوءِ خبر سامهون آئي ته بلاول ڀٽو بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت تي راضي ٿي ويو آهي. چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو چيو ته ڀارت گذريل سال پاڪستان تي حملو ڪيو پر شڪست کاڌي، ڀارت پنهنجي شڪست هضم نه ڪري رهيو آهي.چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت هاڻي آپريشن سنڌور II جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ڀارت پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو.بلاول ڀٽو چيو ته ڀارت گذريل سال پاڪستان تي حملو ڪيو پر شڪست کاڌي، ڀارت پنهنجي شڪست هضم نه ڪري رهيو آهي.بجيٽ بابت ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته چئلينجن جي ماحول ۾ به بجيٽ پيش ڪيا ويا آهن، سڀ کان وڏو چئلينج پاڪستان جي سيڪيورٽي جي حوالي سان هو. هن چيو ته اين ايف سي کي نه ڇيڙيو وڃي، ايف بي آر  نه سنڌ روينيو جو مقابلو ڪري ٿو سگهي نه بلوچستان جو ڪري سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.