اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت مسلسل پنجون ڀيرو پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي، رپورٽ موجب، ايندڙ هفتي لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي، ٻئي طرف ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، قيمتن ۾ گهٽتائي لاڳو ٿي وئي، پيٽرول جي قيمت 377.78 رپين کان گهٽائي 373.78 رپيا في ليٽر ڪئي وئي ۽ ڊيزل جي قيمت 380.78 رپين کان گهٽائي 378.78 رپيا في ليٽر ڪئي وئي آهي.