حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي تعليمي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته بلديا فيڪٽري ۾ 259 مزدورن کي جيئرو ساڙيندڙ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن کي آزاد ڪري انصاف جو جنازو ڪڍيو ويو آهي. هي فيصلو ٻڌائي ٿو ته ملڪ ۾ عدليا نالي ماتر وڃي بچي آهي، اسين سمجهون ٿا ته زبير چريا ۽ رحمان ڀولا کي بري ڪري 259 مزدورن جي قاتلن کي ڇوٽ ڏني وئي آهي.