سوين ماڻهو ساڙڻ جي ڪيس جا جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا بري

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان بلديا ٽائون ڪيس ۾ اهم فيصلو ٻڌائيندي عبدالرحمان عرف ڀولا ۽ زبير عرف چريا کي بري ڪري ڇڏيو، عدالت ٽرائل ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ٻڌايل موت جي سزا جا فيصلا رد ڪندي جوابدارن جون اپيلون منظور ڪري ورتيون، جسٽس شهزاد ملڪ جي سربراهي ۾ ٽن رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران عدالت جوابدارن کي شڪ جو فائدو ڏيندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ايم ڪيو ايم جي رمارڪس ختم ڪرائڻ واري درخواست کي غير موثر قرار ڏنو ويو، عدالت چيو ته جڏهن اصل فيصلو ئي ختم ٿي ويو ته ان سان لاڳاپيل رمارڪس به پاڻمرادو ختم ٿي وڃن ٿا، اجل جو شڪار ٿيل ماڻهن جي وارثن کي ڌر بڻائڻ واريون درخواستون به رد ڪيون ويون، عدالت استغاثا جي ڪيس کي ڪيترن ئي رخن کان ڪمزور قرار ڏنو، جسٽس شهزاد ملڪ چيو ته وڌيڪ ڌريون شامل ٿيڻ سان ڪيس غير ضروري طور پيچيده ٿي ويندو، جسٽس شڪيل احمد رمارڪس ڏنا ته زبير چريا جي ايم ڪيو ايم سان وابستگي ثابت نه ٿي سگهي، عدالت آڏو اهو به ٻڌايو ويو ته ڪارخاني ۾ ڪيميڪل استعمال ٿيڻ جا ثبوت به سامهون نه آيا، جسٽس عقيل عباسي سوال اٿاريو ته جيڪڏهن مقصد رڳو ڀتو وٺڻ هو ته پوءِ پورهيتن کي قتل ڪرڻ جو جواز ڪهڙو هو، ياد رهي ته 11 سيپٽمبر 2012ع تي بلديا ٽائون جي فيڪٽري ۾ لڳل باهه سبب 259 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 59 زخمي ٿيا هئا، عدالت چيو آهي ته ڪيس جا تفصيلي سبب ۽ حقيقتون تفصيلي فيصلي سان جاري ڪيون وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.