پاڪستان جي سيڪيورٽي نظام تي دٻاءُ وڌي ويو

اسلام آباد(امتياز گل) پاڪستان هن وقت جن  مختلف چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان صورتحال کي "گهڻ رخو دٻاءُ” يا ملٽي فرنٽ پريشر به چئي سگهجي ٿو، جنهن کي پاڪستاني رياست سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.هڪ پاسي افغانستان مان تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان لاڳاپيل دهشتگردن جي آمد جو سلسلو جاري آهي . ٻئي طرف بلوچستان ۾ مختلف آپريشن ٿيا آهن، جتي 9 جون تي ڪارروائين دوران 14 کان 15 دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي.ساڳئي وقت آزاد ڪشمير ۾ صورتحال مسلسل ڇڪتاڻ جو شڪار آهي. راولاڪوٽ ۾ ٿيل جاني نقصان کان پوءِ مختلف شهرن ۾ احتجاج جاري آهي ۽ احتجاج ڪندڙ مظفرآباد ڏانهن وڌي رهيا آهن.ٻئي طرف گلگت بلتستان ۾ آچر تي ٿيل چونڊن کان پوءِ ڌانڌلي جا الزام سامهون آيا آهن. ٻئي طرف، افغانستان جا ڀارت ۽ روس سان لاڳاپا وڌي رهيا آهن.پاڪستان جي سيڪيورٽي نظام تي دٻاءُ مجموعي طور صورتحال اها آهي ته افغانستان سان لاڳاپا خراب ٿي رهيا آهن،پاڪستان ۾ دهشتگردي وڌي رهي آهي،بلوچستان ۾ سيڪيورٽي چئلينج موجود آهن،خيبر پختونخوا ۾ حملن جو سلسلو جاري آهي،آزاد ڪشمير ۾ احتجاجي تحريڪ هلي رهي آهي،گلگت بلتستان ۾ چونڊن کان پوءِ سياسي ڇڪتاڻ برقرار آهي.سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا 25 ڪروڙ آبادي واري ملڪ ۾، خاص طور ٻن وڏن سرحدي صوبن، آزاد ڪشمير ۽ ٻين حساس علائقن ۾ موجود انهن سمورن چئلينجن کي اهي قوتون پرامن ۽ پائيدار طريقي سان سنڀالي سگهنديون؟اهو ئي اهو بنيادي سوال آهي، جيڪو موجوده حالتن ۾ پاڪستان جي قومي سلامتي بابت بحث جو مرڪز بڻيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.