هيليڪاپٽر ڪرڻ کان پوءِ آمريڪا جا ايران تي حملا، تهران کي ڊيل ڪرڻي پوندي: ٽرمپ

واشنگٽن/تهران(م ڊ) آبناءِ هرمز ۾ اپاچي هيليڪاپٽر ڪرڻ کان پوءِ آمريڪا ايران تي حملا ڪري ڇڏيا، جنهن ۾ پاڻي جي پلانٽ سميت مختلف هدفن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ايران جي دفاعي نظام کي به نشانو بڻايو ويو، جواب ۾ ايران اسرائيل سميت وچ اوڀر ۾ آمريڪي اڏن کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ ايراني ميڊيا موجب، ڏکڻ ايران جي مختلف حصن ۾ زوردار ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا، جڏهن ته ڪيترن ئي هنڌن تي ميزائل حملن جون رپورٽون پڻ سامهون آيون آهن. رپورٽن موجب، هرمزگان صوبي جي اوڀر وارن علائقن، سيرڪ، قشم ٻيٽ ۽ بندر عباس جي آس پاس ڌماڪن شهرين ۾ پريشاني پيدا ڪئي آهي. ايراني ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه حساس اڏن کي نشانو بڻائڻ جي  ڪوشش ڪئي وئي، پر نقصان جي مڪمل تفصيل فوري طور تي ظاهر نه ٿي سگهي. ٻئي طرف، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) تصديق ڪئي آهي ته اهو آپريشن صدر ٽرمپ جي هدايتن تي ڪالهه آمريڪي اپاچي هيلي ڪاپٽر کي نشانو بڻائڻ جي جواب ۾ ڪيو ويو. آمريڪي عملدارن موجب ايران جي ريڊار ۽ هوائي دفاعي نظام کي نشانو بڻايو ويو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران ڳالهين ڪرڻ ۾ تمام گهڻي دير ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي کين ان جي قيمت چڪائڻي پوندي.پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ ٽرمپ چيو ته ايران جي فوج مڪمل طور تي تباهه ۽ برباد ٿي چڪي آهي، جڏهن ته سامونڊي ۽ هوائي فوج هاڻي عملي طور تي موجود ئي نه رهي آهي، کين مڪمل شڪست ملي چڪي آهي.ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايران رڳو ڳالهيون ڪري ٿو پر ڪو به عملي قدم نٿو کڻي، وچ اوڀر جو هي غنڊو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ايران اسان کي ڳالهين ۾ ڦاسائي رکي ٿو. هوڏانهن ايران به جوابي حملا ڪري آمريڪي اڏن کي نشانو بڻايو، خاص ڪري اتر ايران طرف وڌندڙ آمريڪي ڊرون کي ڪيرايو آهي، جڏهن ته ايران اسرائيل تي به حملو ڪيو. اسرائيل پنهنجي دفاعي نظام کي نشانو بڻائڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن ٽرمپ چيو آهي ته ايران کي ڊيل تي صحيح ڪرڻي پوندي. ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته اسان تي اڳرائي ڪئي وئي ته اسان هٿيار ڦٽا نه ڪنداسين، اسان دشمن کي ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا. هرمزگان جي واٽر اينڊ ويسٽ واٽر ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو جو چوڻ آهي ته گذريل رات ڏکڻ ايران تي آمريڪي حملي کان پوءِ بيماني واري علائقي ۾ 20 هزار ماڻهو صاف پاڻي جي فراهمي کان محروم ٿي ويا آهن. هرمزگان جي صوبائي واٽر اينڊ ويسٽ واٽر ڪمپني موجب، گذريل رات ٿيل حملي دوران صوبي جي ضلعي بيماني ۾ پاڻي ذخيرو ڪندڙ ٻن ٽينڪ کي ميزائلن ذريعي نشانو بڻايو ويو، جيڪي مڪمل طور تي ناڪارا ٿي ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.