ڪراچي (رپورٽر) ڪوئيٽا ۾ تيزاب گردي جو شڪار ڊاڪٽر ماهه نور ناصر جي والد حبيب الله ناصر سوشل ميڊيا تي هلندڙ افواهن جي ترديد ڪري ڇڏي، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حبيب الله ناصر واضح ڪيو ته جوابدار همايون شاهه طرفان ڊاڪٽر ماهه نور ناصر لاءِ ڪنهن به قسم جو رشتو نه موڪليو ويو هو ۽ ان حوالي سان ڪيل سڀ دعوائون حقيقت کان وانجهيل آهن، اهڙين غير تصديق ٿيل خبرن ۽ افواهن تي هرگز يقين نه ڪيو وڃي، حقيقتن جي تصديق کان سواءِ خبرون نشر ڪرڻ انتهائي غير ذميواراڻو عمل آهي. ذميوار صحافت جي بنيادي گهرج اها آهي ته ڪنهن به خبر جي اشاعت کان اڳ لاڳاپيل ڌر جو موقف ۽ تصديق ضرور حاصل ڪئي وڃي، حبيب الله ناصر خبردار ڪيو ته خاندان جي ساک کي نقصان پهچائيندڙ ڪوڙين خبرن خلاف قانوني ڪارروائي جو حق محفوظ رکون ٿا.