ڊاڪٽر ماهه نور جي وڏي سرجري ناهي ٿي ۽ نه ٿيندي:اسپتال ذريعا

ڪراچي (رپورٽر) ڪوئيٽا ۾ تيزاب حملي جو شڪار ٿيندڙ عورت ڊاڪٽر ماهه نور جي چهري تي پلاسٽڪ سرجنن معمولي گرافٽنگ جو عمل مڪمل ڪري ڇڏيو، اسپتال ذريعن موجب ڊاڪٽر ماهه نور جي ڪا وڏي سرجري نه ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي مستقبل ۾ اهڙي سرجري جو منصوبو آهي،  معمول موجب ري ڪنسٽرڪٽو سرجن متاثر حصن تي معمولي گرافٽنگ جو عمل جاري رکندا، ذريعن موجب ڊاڪٽرن جي ٽيم گذريل ڏينهن ڊاڪٽر ماه نور جو ٽيون ڀيرو مڪمل طبي معائنو ڪيو، جنهن ۾ ري ڪنسٽرڪٽو سرجن ۽ اکين جا ماهر شامل هئا، اسپتال ذريعن ٻڌايو ته ڊاڪٽر ماه نور جي چهري، اکين جي ٻاهرين حصن، چپن ۽ نڪ تي زخم موجود آهن، ماهر ڊاڪٽرن مختلف طبي ٽيسٽ پڻ ڪرايا آهن ته جيئن علاج جي ايندڙ مرحلن بابت بهتر فيصلو ڪري سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.