ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته وڌندڙ مهانگائي، پاڻي جو بحران، بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ، تعليم، صحت، ٽرانسپورٽ ۽ نيڪال جا مسئلا عوام جو مقدر نه پر حڪمرانن طرفان مڙهيل عذاب آهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ظالم ۽ عوام دشمن حڪمرانن جو رستو روڪيو وڃي.هن چيو ته جيڪڏهن عوام، خاص طور نوجوان، حڪمرانن جي ظلم آڏو ڀت بڻجي نه بيٺا ته اهي ساڳي طرح عوام کي مسئلن ۾ ڦاسائيندا رهندا. بجيٽ ۾ عوام کي حقيقي رليف نه مليو ته جماعت اسلامي احتجاجي تحريڪ شروع ڪندي اورنگي ٽائون ۽ ميٽروول جي دوري دوران مومن آباد چوڪ ۽ دعا چوڪ ساڍا يارهه نمبر تي لڳايل جماعت اسلامي جي ملڪ گير ميمبرشپ مهم جي ڪئمپن ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ڪراچي ڪنهن هڪ ٻولي ڳالهائيندڙن جو نه پر ملڪ جي هر حصي ۽ هر ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهن جو شهر آهي. سنڌ حڪومت ۽ قبضا ڪيل ميئر جي نااهلي، بدانتظامي ۽ ناقص ڪارڪردگي سبب پيدا ٿيل مسئلن کان ڪراچي جو هر شهري متاثر آهي.هن چيو ته اورنج لائن منصوبي جي نالي تي اورنگي جي عوام سان دوکو ڪيو ويو. ڪي فور منصوبو 18 سالن کان مڪمل نه ٿي سگهيو. 12 ارب رپين سان ٺهيل حب ڪينال ڪجهه ڏينهن ۾ ٽٽي پئي. شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي به دستياب ناهي، روڊ تباهه آهن ۽ عوام تي پيٽرول بم ڪيرايا پيا وڃن.هن چيو ته ملڪ ۾ کنڊ ۽ اٽي جي مافيا قابض آهي، ڪراچي جون يونيورسٽيون سخت بحران جو شڪار آهن.