ميرپورخاص(رپورٽ: غفاررند) ڊاڪٽر فھميدا ڪيس ۾ نجي يونيورسٽي بابت نوان انڪشاف، پي ايم ڊي سي، نجي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي تعليمي معيار کي بھ اڻپورو قرار ڏئي ڇڏيوپاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل کان ورتل تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو آھي ته ابنِ سينا يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ظفر تنوير، وائيس چانسلر جي عھدي لاءِ گھربل تعليمي قابليت تي نٿو لھي. جاچ ٽيم جي لکيل ليٽر جي جواب ۾ پي ايم ڊي سي وڌيڪ چيو آھي تھ ھڪ وائيس چانسلر لاءِ لازمي آھي تھ ان جي .تعليمي ۽ انتظامي صلاحيتن جي ليول 3 ھجڻ گھرجي، جڏھن تھ پروفيسر ظفر تنوير ليول 2 جي صلاحيت رکي ٿو. پي ايم ڊي سي ڄاڻايو آھي تھ ھڪ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي اپائنٽ ڪرڻ لاءِ لازمي اھو ايم بي بي ايس ھجي، لاڳاپيل شعبي ۾ سندس ايف سي پي ايس ٿيل ھجي ۽ پي ايڇ ڊي ھولڊر ھجي. پي ايم ڊي سي وڌيڪ ڄاڻايل تھ وائيس چانسلر لاءِ لازمي آھي تھ پروفيسر طور سندس ڪنھن تصديق شدا ڪاليج ۾ 10 سالن جو تجربو ھجي ۽ گڏوگڏ پي ايم ڊي سي ۽ ھيڪ طرفان منظور ٿيل جرنلز ۾ سندس گھٽ ۾گھٽ 10 آرٽيڪلز ڇپيل ھجن ۽ ان جي اپائنٽمينٽ گورنز جي رولز ۽ ريگيوليشن موجب ئي ھجڻ گھرجي. اھڙي انڪشاف کان پوءِ جاچ ٽيم جي سربراھ ايس ايس پي سيد فدا حسين شاھ نجي يونيورسٽي چانسلر کي ليٽر لکي، وائيس چانسلر جي اپائنٽمينٽ ۽ ان جي تعليمي قابليت بابت دستاويزن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي. پنھنجي آفيس ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ايس ايس پي چيو آھي تھ ھي ھڪ اھم ڳالھ آھي، ڇاڪاڻ تھ ان کان اڳ فھميدا ڪيس جو مرڪزي ملزم عابد لغاري بھ ٽيچر ھو، جيڪو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ھڪ ڊاڪٽر يا پروفيسر طور پڙھائي رھيو ھو، اھو پڻ ھڪ وڏو سواليا نشان آھي. ايس ايس پي وڌيڪ چيو تھ ھاڻ اھا پي ايم ڊي سي جي ذميواري ٿيندي تھ ان جي ماتحت جيڪي ادارا آھن، انھن ۾ ٿيندڙ بي ضابطگين تي قدم کڻندي. ايس ايس پي وڌيڪ چيو تھ فھميدا ڪيس جو فائنل چالان اڃا پيش ناھي ڪيو ويو، فارينزڪ رپورٽ اچڻ بعد ئي اھو پيش ڪيو ويندو، ھوڏانھن فھميدا جي وارثن فريادي افتخار حسين ۽ ٻين چيو آھي تھ اھو ھڪ اھم انڪشاف آھي، ڪيس ۾ نامزد عابد لغاري، جيڪو پرائمري ليول جو استاد ھو، جنھن کي يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر ۽ پروفيسر جي حيثيت ڏئي ان وسيلي شاگردن کي پڙھايو ويو، ھاڻ وائيس چانسلر جي تعليمي قابليت بھ سامھون اچي وئي آھي. ھنن چيو آھي تھ اھڙا نااھل ماڻھو رکڻ ۽ شاگردياڻين کي بليڪ ميل ۽ ھراس ڪرڻ جي ڳٺ جوڙ پاڻ ۾ ملي ٿي، ان ڪري سموري يونيورسٽي ۽ ان سان لاڳاپيل ڪاليج جي انتظامي توڙي تدريسي عھدن تي مقرر ڪيل ماڻھن جي جاچ ڪرائي وڃي.