ايس آءِ ايف سي ذريعي سمورو ملڪ وڪرو پيو ٿئي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) بلاول شهباز اتحادي سرڪار ملڪ آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي. حڪمران بجيٽ جي منظوري لاءِ آءِ ايم ايف ڏانهن واجھائي رهيا آهن. عالمي سامراجي ادارن جي فرمائشي بجيٽ مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار عوامي تحريڪ  جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي خزانچي علي محمد پرويز، مرڪزي اڳواڻ نور نبي پليجو ۽ ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي. اڳواڻن چيو آهي ته حڪمران پنهنجي عياشين جا شاهه خرچ پورا ڪرڻ لاءِ مهانگائي جي گهاڻي ۾ اڳ ۾ ئي پيڙهجڻندر عوام مٿان ٽيڪس جو ملبو ڪيرائڻ چاهين ٿا. ملڪ جا حڪمران ايس آءِ ايف سي ذريعي سمورو ملڪ وڪرو ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.