ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي ۾ استادن، آفيسرن ۽ ملازمن جي احتجاج ۽ کين درپيش مسئلن جي حل لاءِ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي آفيس ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت يونيورسٽيون ۽ بورڊز واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو ۽ چيئرمين سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پروفيسر ڊاڪٽر سيد طارق رفيع ڪئي.اجلاس ۾ سيڪريٽري يونيورسٽيون محمد عباس بلوچ، اڳوڻو وائيس چانسلر ڊاڪٽر سروش حشمت لوڌي، سيڪريٽري سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ڊاڪٽر نعمان احسن، ڪراچي يونيورسٽي ٽيچرز سوسائٽي جي صدر سيد غفران عالم، ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر زاهد حسين بلوچ ۽ ڪراچي يونيورسٽي آفيسرز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر فيصل هاشمي سميت ٻين نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي استادن، آفيسرن ۽ ملازمن جي جائز مطالبن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ مختلف معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته يونيورسٽيز ۽ بورڊز کاتي، حڪومت سنڌ طرفان ڪراچي يونيورسٽي جي ملازمن لاءِ ايڪس گريشيا ۽ هائوس رينٽل سيلنگ بابت هاڪاري سفارشن تي ٻڌل سمري فوري طور تي سنڌ جي وڏي وزير ڏانهن موڪلي ويندي.