حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد پوليس جي معطل جونيئر ڪلرڪ ماريا ساريو پوليس لائين ۾ پنهنجي رهائشگاهه خالي ڪرائڻ لاءِ جاري ڪيل سرڪاري نوٽيس کي سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي، عدالت درخواستگذار جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اسٽي آرڊر جاري ڪندي پوليس کي گهر خالي ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ ايس پي هيڊڪوارٽر کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي، تفصيل موجب حيدرآباد پوليس جي جونيئر ڪلرڪ ماريا ساريو، جيڪا ايس ايس پي آفيس ۾ هنگامي جي الزام ۾ معطل آهي، کيس پوليس هيڊڪوارٽر پاران سرڪاري طور تي رهائش لاءِ ڏنل فليٽ خالي ڪرڻ جو نوٽيس ڏنو ويو هو، جنهن کي سندس پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بينچ ۾ چيلينج ڪيو ويو، جسٽس حسن اڪبر ۽ جسٽس عثمان هادي تي ٻڌل ڊويزن بينچ ۾ ٻڌڻي دوران درخواستگذار ماريا ساريو پنهنجي والده ۽ وڪيلن سان گڏ پيش ٿي، درخواستگذار جي وڪيلن الاهي بخش سومرو ۽ ثناءُ الله ڀنگر پنهنجن دليلن ۾ چيو ته ماريا ساريو کي کاتي جي انڪوائري لاءِ اڳ ئي معطل ڪيو ويو آهي