ايڪشن ڪميٽي جي فائرنگ ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا:آءِ جي آزاد ڪشمير

مظفرآباد(عوامي آواز نيوز)آزاد ڪشمير پوليس جي انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) جي ترجمان چيو آهي ته سي ايم ايڇ راولاڪوٽ جي گهيري دوران پابندي مڙهيل ايڪشن ڪميٽي جي هٿياربند عنصرن جي فائرنگ سبب انهن جا پنهنجا ئي 3 ماڻهو مارجي ويا.آزاد ڪشمير پوليس جي  آءِ جي جي ترجمان موجب 7 جون تي پابندي مڙهيل ايڪشن ڪميٽي جي هٿياربند عنصرن راولاڪوٽ ۾ امن امان خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي رٿابندي تحت فائرنگ ڪئي وئي.ترجمان آءِ جي آزاد ڪشمير ٻڌايو ته پابندي مڙهيل ايڪشن ڪميٽي جي هٿياربند عنصرن سي ايم ايڇ راولاڪوٽ جو گهيرو ڪيو، جنهن سبب اسپتال جون معمولي طبي خدمتون ۽ سرگرميون سخت متاثر ٿيون، پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بردباري، صبر ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪيو.ترجمان موجب 7 ۽ 8 جون جي وچ واري رات منظم ۽ محدود نوعيت جي ڪارروائي ۾ سي ايم ايڇ راولاڪوٽ جو گهيرو ختم ڪرايو ويو. پوليس موجب وڊيو ۾ شرپسندن کي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي سڌيون گوليون هلائيندي ڏسي سگهجي ٿو.وڊيو ۾ پرتشدد حملا ۽ شهيد پوليس اهلڪار جي لاش جي بي حرمتي ڪندي پڻ ڏسي سگهجي ٿو.هوڏانهن آزاد ڪشمير جي مختلف ضلعن ۽ ڪوھالا ۾ زندگي معمول مطابق جاري آهي. ڪوھالا ۾ سڀئي مارڪيٽون ۽ واپاري مرڪز کليل آهن ۽ عوام احتجاج جي سڏ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.