ڪراچي (رپورٽر)انمول عرف پنڪي خلاف قتل جو ڪيس ۾ پراسڪيوشن پوليس جي جاچ ۾ موجود خاميون ظاهر ڪري ڇڏيون، عبوري چالان جي اسڪروٽني ڊپٽي ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسڪيوٽر عارف سيتائي ڪئي، پراسڪيوشن موجب بنا ڪنهن جواز جي ايف آءِ آر جي داخلا ۾ لڳ ڀڳ 30 ڏينهن جي دير ڪئي وئي، ڊپٽي ڊسٽرڪٽ پراسڪيوٽر عارف سيتائي موجب چالان جمع ڪرائڻ ۾ پڻ 12 ڏينهن جي دير ڪئي وئي، جاچ آفيسر گم ٿيل ماڻهن جي رڪارڊ جي جاچ پڙتال نه ڪئي، جاچ آفيسر فوتي جي سڃاڻپ لاءِ گم ٿيل ماڻهن بابت معلومات گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، پراسڪيوشن موجب جاچ آفيسر ڊجيٽل ۽ اليڪٽرانڪ ثبوت محفوظ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جاچ آفيسر واقعي واري هنڌ ۽ ڀرپاسي مان سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪرڻ يا محفوظ ڪرڻ ۾ غفلت ڪئي، اهو ثبوت انتهائي اهم هو ته معلوم ٿي سگهي ها ته فوتي جو موت کان اڳ پنڪي يا منشيات جي ٻين وڪرو ڪندڙن سان ڪو رابطو هو يا نه، اکين ڏٺن شاهدن کي ڳولڻ يا انهن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ ڪا به ڪوشش نه ڪئي وئي.