ڊپريشن جي ڪري به ماڻهو آپگهات ڪن ٿا:ڊاڪٽر ايشور ڪمار

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ڪافي جي مشهور شاعرغلام رسول غمناڪ حسيني جو ٻن ڏينهن وارو ادبي ميلو پڄاڻي تي پهتو، ادبي ميلي ۾ صحافت، ناول، صحت، ادب، تعليم ۽ ڪميشن پاس ڪندڙ نوجوانن سميت مختلف شعبن جي خدمت عيوض غمناڪ ايوارڊ ڏنا ويا، ميلي ۾ ڪتاب جي مهورت سان گڏ غمناڪ جي شاعري ۽ ٻين موضوعن تي ويهڪ  ڪيون ويون، جڏهن ته ميلي جي پڄاڻي تي صنم ماروي ۽ ماسٽر ولي سرن جي ورکا ڪئي، غمناڪ ادبي ميلي ۾ خودڪشين بابت سنڌ جو نوجوان نسل ڪنهن کان ڪاوڙيل آهي بابت  اهم سيشن ڪيو ويو، جتي نفسيات جي بيمارين جي ماهر نفسيات ڊاڪٽر ايشور ڪمار خطاب ڪندي چيو ته انساني نفسيات کي انساني ارتقا ۾ آيل انقلاب کي سمجهڻو پوندو، هن چيو ته انسان جڏهن 4 ڄنگهن کان ارتقا ڪري ٻن پيرن تي بيٺو آهي ته سندس قد ۾ اضافي سان گڏ دماغ ۾ تبدليون رونما ٿيون، ان وقت انسان سمجهڻ شروع ڪيو،  اهو سوچڻ وارو هزارين سالن جو سفر آهي، هن چيو ته دنيا ۾ هر 40 سيڪنڊ ۾ هر ماڻهو خودڪشي ڪري ٿو، هتي ڪوبه حادثو اچانڪ نٿو ٿئي، ان جي پٺيان هڪ محرڪ هوندو آهي، ڏسجي ته هاڻ ماڻهو مارڻ تي اچي ويو آهي، ماحول به انسان جي نفسيات تي اثر ڇڏي ٿو، هن چيو ته ڊپريشن جي ڪري به ماڻهو آپگهات ڪري ٿو، ڊاڪٽر سورٺ سنڌو  چيو ته خودڪشي ڪرڻ جي ڳالهه وقت مونکي سنڌ نظر اچي ٿي، هن چيو ته هتي ميرٽ جي به خودڪشي آهي، هڪ مستقبل جي به خودڪشي آهي، ڊاڪٽر منيزه شيخ چيو ته ماڻهو روز مسئلن جي ڪري آپگهات ڪن ٿا، هن چيو ته 60 سيڪڙو مرد آپگهات ڪن ٿا،هن چيو ته مسئلا هميشه زندگي ۾ رهن ٿا، سيشن ۾ حسام ميمڻ، ڊاڪٽر جاويد درس پڻ ڳالهايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.