ميرپورخاص (رپورٽ: غفار رند) ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن حيدر ۾ زميني تڪرار تان ٻن ويجهن مائٽن وچ ۾ ٿيل جهيڙو خوني بڻجي ويو، جنهن دوران فائرنگ سبب پوليس اهلڪار خالد مري قتل ٿي ويو، اقبال مري زخمي ٿي پيو، جنهن جي هٿ ۾ گولي لڳي، واقعي جي اطلاع تي پوليس ۽ امدادي ٽيمن فوري طور پهچي لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪيو، جتي زخمي کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي، شروعاتي ڄاڻ موجب جهيڙي جو ڪارڻ زميني تڪرار ٻڌايو ويو، ڪجهه وقت کان ھلندڙ جھيڙي ڪارڻ اھلڪار گھر وڪڻي ڪراچي وڃڻ جو سوچي رھيو ھو ته اوچتو ڇڪتاڻ دوران جھيڙي ۾ قتل ٿي ويو، مقتول جي ڀاءُ ٻڌايو ته جوابدارن محمد حسن، تابش، سومر ۽ گلشير ڀاءُ کي قتل ڪيو آهي، پوليس اهلڪار ڀاءُ کي قتل ڪندڙ ويجها مائٽ آهن، هنن سان تڪرار هلندڙ آهي، اسان جو ڀاءُ جهيڙي سبب بيزار ٿي گهر کپائي ڪراچي منتقل ٿيڻ جو سوچي رهيو هو، قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.