سنڌ ۾ ڪراچي کان سواءِ معاشي مرڪز قائم نه ٿي سگهيا آهن:قيصر بنگالي

ڪراچي (رپورٽر) معاشي ماهر قيصر بنگالي  اسد سيد ۽قيصر مهناز حفيظ سان گڏ لکيل ڪتاب Pebble in the Pond تي تبصرو ڪندي چيو ته هن ڪتاب جو مقصد ماڻهن ۾ معاشي آگاهي وڌائڻ آهي قيصر بنگالي چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ ملڪ جا پٺتي پيل صوبا آهن. هر سال اسڪولن ۽ اسپتالن لاءِ بجيٽ رکي ويندي آهي، پر اهي پيسا خرچ نٿا ٿي سگهن،ڪراچي پريس ڪلب ۾ تقريب کي خطاب ڪندي  هن ٻڌايو ته گذريل 78 سالن ۾ ترقياتي بجيٽ جاري ڪئي وئي، پر حقيقت ۾ ترقي نظر نٿي اچي. هڪ آر او پلانٽ يا ڪلو ميٽر روڊ ٺاهڻ کي ترقي نه چئبو،هن چيو ته “ڪراچي کان گهگهر ڦاٽڪ کانپوءِ ڄڻ سوين سال  پوئتي هليا ويا آهيون”،.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڪراچي کانسواءِ معاشي مرڪز قائم نه ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته روڊ، رستا، پاڻي، ڊسپينسريون ۽ ڪاروباري ماحول هڪ ئي جاءِ تي هجڻ گهرجن. .هن زور ڏنو ته شهرن کي شهرن سان ڳنڍڻ سان معاشي ترقي ٿيندي ۽ علائقا ترقي ڪندا. جڏهن ته اسلام ڪوٽ، گوادر ۽ ٻين شهرن ۾ يونيورسٽيون ته قائم آهن، پر پڙهائڻ وارا استاد موجود نه آهن.قيصر بنگالي شگر ملن جي صورتحال تي پڻ روشني وڌي، چيو ته ٺٽو، بدين ۽ سجاول کانسواءِ ڪٿي به شگر مل نه هجڻ گهرجن، ڇو ته کنڊ جو ڪاروبار هڪ آفت بڻجي چڪو آهي. ملڪ ۾ انڊسٽري آهستي آهستي ختم ٿي رهي آهي، فيڪٽريون بند ٿي رهيون آهن. ڀاڻ پيدا ڪرڻ لاءِ فرٽيلائيزر ڪمپنين کي سبسڊي ڏني پئي وڃي، پر مارڪيٽ ۾ ڀاڻ مهانگو وڪرو ٿي رهيو آهي فرٽيلائيز ڪمپنين کي گيس سبسڊي ختم ڪئي وڃي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ختم ڪرڻ سان هڪ ڪروڙ غريب گهراڻا وڌيڪ متاثر ٿيندا. پاڪستان ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ جو مقصد صرف ٽيڪس ذريعي پيسا ورهائڻ آهي عوام جو بجيٽ سان ڪنهن به قسم جو تعلق ناهي حڪومت وٽ ٽيڪس جمع ڪرڻ جي ڪارڪردگي ته آهي پر ٽيڪس خرچ ڪرڻ ۽ بيروزگاري ختم ڪرڻ متعلق ڪابه ڪارڪردگي ناهي. هن چيو ته بي آءِ ايس پي سياسي مقصدن لاءِ پروگرام ناهي جيڪڏهن ائين هجي ها ته 2018 جي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي ڇو هارايو عوام تي وڌيڪ ٽيڪس جو بار پوڻ سان تعليم ۽ سولر مهانگو ٿيندو جنهن سبب بيروزگاري ۽ مهانگائي ۾ واڌ ٿيندي ۽ سرڪار وٽ مهانگائي ۽ بيروزگاري ختم ڪرڻ لاءِ ڪوبه حل موجود ناهي. اسد سيد چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري 12 سيڪڙو کان گهٽجي صرف 1.5 سيڪڙو تي پهچي چڪي آهي، پاڪستان ۾ پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر سيڙپڪاري لاءِ تيار نه آهن. هڪ سروي موجب ملڪ ۾ هڪ اسڪول تعمير ڪرڻ لاءِ ستن سالن جو وقت گهربل هوندو.هن ٻڌايو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ جتي گيس ملي ٿي، انهن علائقن جي حالت خراب آهي. پاڪستاني واپاري کنڊ ۽ ريئل اسٽيٽ کان سواءِ ٻي هنڌ سيڙپڪاري نٿا ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.