دهلي (م ڊ) ڀارتي چيف جسٽس جي تڪراري ريمارڪس کانپوءِ وجود ۾ آيل ”ڪاڪروچ جنتا پارٽي“ دهلي ۾ پنهنجو پهريون احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن دوران تعليم واري وزير ڌرمينڌر پرڌان جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو، پارٽي جي باني اڀجيت ديپڪي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مطالبو تسليم نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو ملڪ جي مختلف شهرن تائين وڌايو ويندو ۽ ايندڙ هفتي جنتر منتر تي ٻيهر احتجاج ڪيو ويندو، مظاهري ۾ مشهور سائنسدان ۽ سماجي ڪارڪن سونم وانگچو پڻ شرڪت ڪئي، جڏهن ته حساس هنڌن تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، رپورٽن موجب ڀارتي چيف جسٽس هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران بيروزگار نوجوانن کي ”ڪاڪروچ“ قرار ڏنو هو، جنهن جي ردعمل ۾ هي جماعت قائم ڪئي وئي، احتجاج ۾ وڏي انگ ۾ نوجوانن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. اڀجيت ديپڪي پنهنجي خطاب ۾ گذريل ڏهاڪي جي ڀارتي سياست تي تنقيد ڪندي چيو ته هندو-مسلم سياست ۾ نوجوانن جي روزگار ۽ تعليم سان لاڳاپيل مسئلا نظرانداز ڪيا ويا، هن پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ جي معطلي کي به تحريڪ کي دٻائڻ جي ڪوشش قرار ڏيندي چيو ته نوجوانن جي آواز کي خاموش نٿو ڪري سگهجي، مظاهري دوران تعليمي سڌارن، روزگار ۽ نوجوانن جي مسئلن تي خاص ڌيان ڏنو ويو.