ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ هل پارڪ ۾ ٽڪري ڪٽڻ ۽ مبينا غيرقانوني تعمير خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي سنڌ حڪومت، ڪي ايم سي، پي اي سي ايڇ ايس ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري 11 جون تائين جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سهيل اقبال صديقي تڪراري پلاٽ جو قانوني مالڪ آهي ۽ ڪي ايم سي 2 جون تي بنا ڪنهن قانوني نوٽيس يا اختيار جي پلاٽ جي ڀت ڊاهي ڇڏي. درخواست موجب پي اي سي ايڇ ايس جي خط ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته تڪراري پلاٽ هل پارڪ جي حدن ۾ شامل ناهي، پر مڪمل طور پي اي سي ايڇ ايس جي دائري اختيار ۾ اچي ٿو ۽ ان زمين جو سمورو رڪارڊ به پي اي سي ايڇ ايس وٽ موجود آهي. درخواستگذار جو چوڻ آهي ته ڪي ايم سي 21 اپريل تي پلاٽ تي چار ديواري جي تعمير لاءِ اين او سي جاري ڪيو هو، تنهن ڪري چار ديواري ڊاهڻ وارو عمل غيرقانوني ۽ اختيارن کي مٿانهون عمل آهي.