لاهور (پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پيٽروليم ليوي فوري طور تي ختم ڪئي وڃي، پگهاردار طبقي تي ٽيڪسن جو بار گهٽايو وڃي ۽ مقامي حڪومتن کي آئين موجب بااختيار بڻايو وڃي، هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن عوام دشمن بجيٽ پيش ڪيو ويو ته جماعت اسلامي ملڪ گير احتجاجي تحريڪن، هڙتالن ۽ ٻين آپشنز کي اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿيندي، منصوره ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪومت کي صوماليا جي ويجهو سامونڊي ڦورن پاران يرغمال بڻايل پاڪستاني شهرين ۽ ٻين کي آزاد ڪرائڻ لاءِ فوري ۽ اثرائتا قدم کڻڻ گهرجن، يرغمال بڻايل ماڻهن کي کاڌي ۽ پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ انهن کي محفوظ طور تي واپس آڻڻ حڪومت جي ذميواري آهي، ان موقعي تي جماعت اسلامي جي نائب امير ڊاڪٽر عطا الرحمان، مرڪزي پنجاب جي امير محمد جاويد قصوري، لاهور جي امير ضياءُ الدين انصاري، ڊپٽي سيڪريٽري نذير احمد جنجوعه، اظهر اقبال حسن ۽ سيڪريٽري اطلاعات شڪيل احمد ترابي پڻ موجود هئا، هن چيو ته جنگ بندي جي باوجود غزه ۾ قتل عام جاري آهي. جماعت اسلامي جي امير چيو ته حڪومت پيٽروليم شين تي ڳري ليوي وصول ڪري عوام جو استحصال ڪري رهي آهي، پيٽروليم ليوي ذريعي هن وقت تائين هزارين ارب رپيا گڏ ڪيا ويا آهن، پر ريفائنريز جي بهتري ۽ توانائي جي شعبي ۾ بنيادي سڌارا نه ڪيا ويا آهن، پيٽرول، بجلي ۽ گئس جون قيمتون گهٽ ۾ گهٽ ٽن سالن لاءِ منجمد ڪيون وڃن ته جيئن معيشت کي سهارو ملي سگهي، هڪ سوال جي جواب ۾ حافظ نعيم الرحمان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي غربت جي خاتمي ۾ ناڪامي قرار ڏنو ۽ چيو ته خيرات جي بدران عوام کي تعليم، مهارت ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪيا وڃن، هن شمسي صارفين تي تجويز ڪيل اضافي بار ۽ ٽيڪسن جي به مخالفت ڪئي ۽ چيو ته ماڻهن مهانگي بجلي جي ڪري شمسي نظام اختيار ڪيو، هاڻي انهن کي سزا ڏيڻ صحيح ناهي.