روم(م ڊ)اٽلي ۾ 4 پاڪستانين جي قتل جي الزام ۾ 2 پاڪستانين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.اطالوي ميڊيا موجب اهو واقعو ڏکڻ اٽلي جي علائقي ڪيلابريا ۾ پيش آيو. رپورٽ مطابق فوت ٿيندڙ چارئي ماڻهو پاڪستان سان تعلق رکندا هئا ۽ زرعي فارم تي ڪم ڪندا هئا. انهن جي لاشن کي هڪ ساڙيل وين اندران هٿ ڪيو ويو. فرانسيسي خبر ايجنسي موجب واقعي کان پوءِ پوليس جاچ شروع ڪئي ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪي پڻ پاڪستان سان تعلق رکن ٿا. ٻئي پاسي پرڏيهي کاتو پاڪستان جي ترجمان ڏکڻ اٽلي ۾ 4 پاڪستانين جي مبينا قتل تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اطلاع موجب اٽلي ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جو تعلق پاڪستاني نسل وارن خاندانن سان هو، جڏهن ته سندن صحيح شهريت جي اڃا تائين تصديق نه ٿي آهي.ترجمان موجب مقامي پوليس معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي، جنهن ۾ فارنزڪ ثبوتن جو جائزو به شامل آهي. اٽلي ۾ پاڪستاني سفارتخانو هن معاملي جي پيروي ڪري رهيو آهي ۽ وڌيڪ اڳڀرائي لاءِ مقامي اختيارين سان رابطي ۾ آهي.