اسلام آباد(سجاد انور) اسٽيبلشمينٽ بازي پلٽي ڇڏي آهي،اچتو اها خبر آئي آهي، ته اسٽيبلشمينٽ هڪ جوابي ڪارروائيءَ طور بجيٽ جو اجلاس ملتوي ڪرائي ڇڏيو آهي. جيڪو بجيٽ سيشن 5 جون تي گهرايو ويو هو، هاڻي ان جي ڪا نئين تاريخ سامهون ناهي آئي، ڪو چئي رهيو آهي ته 8 جون تي ٿيندو، ڪو چئي رهيو آهي ته 10 جون تي ٿيندو. پر بظاهر پيپلز پارٽي جي جيڪا پهرين مرحلي ۾ سوڀ هئي، اها هاڻي واپس ٿيندي نظر اچي رهي آهي.نون ليگ (وفاقي حڪومت) کي پيغام ڏنو آهي ته هو پهريان پيپلز پارٽي کي مڃائين، پهريان 28هين ترميم ايندي ۽ پوءِ بجيٽ ايندو. جيڪڏهن بجيٽ دير جو شڪار ٿئي ٿو، ته ڪيتري دير ٿي سگهي ٿي؟ ايڪنڪ- نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل) جو اجلاس ٿيڻو هو، ڇاڪاڻ ته بجيٽ منظوريءَ لاءِ سڀ کان پهريان قومي اقتصادي ڪائونسل وٽ ويندو آهي. اها ڪائونسل منظوري ڏيندي آهي، ان جو اجلاس به ملتوي ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت کي چيو ويو آهي ته بجيٽ واري ڪم کي پٺتي رکو، پهريون ڪم اهو آهي ته پيپلز پارٽي سان 28هين ترميم تي ڳالهائي ان کي منظور ڪرايو وڃي. اهو ٽاسڪ حڪومت کي ڏنو ويو آهي.مسلم ليگ نون جي حڪومت به نٿي چاهي ته اسٽيبلشمينٽ جو جيڪو 28هين ترميم وارو ايجنڊا آهي، ان تي پوريءَ طرح ائين ئي عمل ٿئي. ان ڪري هو به سستي ڏيکاري رهيا هئا. گذريل ڏيڍ ٻن مهينن کان ماڻهو ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته بجيٽ کان اڳ 28هين ترميم ايندي، بجيٽ کان اڳ آصف زرداري جي موڪل ٿي ويندي، بلاول خلاف نااهليءَ جو معاملو اچي ويندو. اهو سڀ ميڊيا جو هڪ دٻاءُ ۽ بليڪ ميلنگ هئي. وڏن چينلز تي ويهندڙ تجزيه نگار، عبدالمالڪ کان وٺي رئوف ڪلاسرا تائين، چون پيا ته پيپلز پارٽي کي پيغام ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن توهان ائين نه ڪيو ته توهان جي موڪل آهي ۽ سنڌ به توهان کان کسي ويندي.نون ليگ ۽ پيپلز پارٽي گڏجي اهو وقت گذاري ڇڏيو ۽ سڄو مئي جو مهينو ان ئي سوچ ۾ گذري ويو ته ترميم ايندي يا نه ايندي؟ ڪنهن به عوامي سطح تي ڪو ڊرافٽ شيئر نه ڪيو. پر هاڻي جڏهن قومي اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس به گهرايو ويو هو ، ننڍن آفيسرن وڃي ‘وڏي صاحب’ کي شڪايت ڪئي هوندي ته جناب! اسان جي ڳالهه ئي ناهي مڃي وئي. اسان ميڊيا، حڪومت، سياسي حمايتين ۽ ايم ڪيو ايم کان رڙو رڙ به ڪرائي، اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري کان فارمولا به ڏيکاريا، پر ڪجهه نه بڻيو. ان ڪري هاڻي کين سخت پيغام ڏيو، تڏهن ئي معاملو حل ٿيندو.اهو ئي سبب آهي جو وزيراعظم جي ليول تي ڳالهه ٿي آهي، ايڪنڪ جو اجلاس ملتوي ٿيو آهي، بجيٽ اجلاس ملتوي ڪرايو ويو آهي ۽ اڄ پارلياماني ذريعا اهي خبرون هلائي رهيا آهن ته وفاقي حڪومت کي چيو ويو آهي ته اها فوري طور پيپلز پارٽي سان ڳالهائي. بلاول ڀٽو هن وقت گلگت بلتستان۾ مصروف آهي ۽ هو ڳالهين لاءِ تيار ناهي. هو اتي جيڪي عوامي پيغام ڏئي رهيو آهي، اهي سڌا آهن ته” ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته ڪراچي ۽ گوادر کي وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ڏنو وڃي، اهي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا ۽ صوبن کان اختيار واپس وٺڻ چاهين ٿا، هو سڄو ايجنڊا عوام اڳيان کڻي آيوآهي. چيو پيو وڃي ته بجيٽ يا ايڪنڪ جو اجلاس ان ڪري روڪيو ويو آهي ته جيئن انهن ترميمن کي بجيٽ جو حصو بڻايو وڃي، جنهن کي ”اعليٰ ترجيحي معاشي سڌارا“ چيو پيو وڃي. اهي اقتصادي سڌارا هي آهن ته 18هين ترميم جي تحت جيڪي ڪيترائي شعبا هئا، جهڙوڪ تعليم، صحت، ماحوليات (ڪلائميٽ چينج)، اهي اڳي وفاقي حڪومت وٽ هوندا هئا. جڏهن به اسان جي سيڪيورٽي ادارن کي اضافي فنڊن جي ضرورت هوندي هئي، ته اهي وفاقي حڪومت کي چوندا هئا ۽ فنڊ اتي شفٽ ٿي ويندا هئا.18 هين ترميم کانپوءِ اهو سسٽم تبديل ٿي ويو. هاڻي صوبا صحت ۽ تعليم جا پروجيڪٽ ڏيندا آهن ۽ ٻاهريان ڊونرز سڌو صوبن کي فنڊ ڏيندا آهن. وفاقي اڪنامڪ ڊويزن هاڻي صرف هڪ ‘پوسٽ آفيس’ بڻجي وئي آهي، فنڊ سڌو صوبن ڏانهن هليا ويندا آهن. وڏو صاحب چاهي ٿو ته اهو سسٽم واپس اچي، ڇاڪاڻ ته اهي ‘پيٽي ڪيش’ (تڪڙا فنڊ) هوندا هئا جيڪي سڌو اسٽيبلشمينٽ يا سيڪيورٽي ادارن جي استعمال ۾ ايندا هئا. هاڻي مختلف تجزيه نگارن ذريعي اهو چورايو پيو وڃي ته 18هين ترميم کانپوءِ وفاق ڪنگال ٿي ويو آهي ۽ صوبا امير ٿي ويا آهن، ان ڪري وفاق کي ٻيهر امير بڻائڻ لاءِ هي اقتصادي ايجنڊا ترميم ذريعي لاڳو ڪيو وڃي. ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته سيلز ٽيڪس کي 20 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻ چاهين ٿا (جيڪو اڳ ۾ 16 سيڪڙو هو)، پر ان ۾ آئيني رڪاوٽ آهي، ان کي ري سيٽ ڪرڻ چاهين ٿا ته جيئن وڌ کان وڌ سيلز ٽيڪس گڏ ڪري سگهجي.هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا هن 28هين ترميم ۾ اهو مڪمل ايجنڊا شامل هوندو جنهن ۾ گوادر، ڪراچي ۽ مقامي حڪومتن جا فنڊ شامل آهن، يا صرف وفاق پنهنجا ڪجهه فنڊ واپس وٺڻ چاهي ٿو؟ هڪ طريقو اهو آهي ته آئيني ترميم ڪري صوبن کي پابند ڪيو وڃي ته اهي پنهنجي بجيٽ جو هڪ حصو قومي سلامتي لاءِ وفاق کي ڏين، يا ٻيو طريقو اهو آهي ته هر سال صوبن کان پئسا ورتا وڃن. صدرآصف علي زرداري به ڪجهه ڏينهن اڳ نوشهرو فيروز ۾ پنهنجي پارٽي اڳواڻن سان ڳالهائيندي چيو هو ته "اسان اسٽيبلشمينٽ جا هٿ مضبوط ڪنداسين.” هڪ طرف بلاول چئي ٿو ته اسان وفاقي ترميمون نه مڃينداسين، ترميم جيڪڏهن نٿي ٿئي ته اهي خبرون به آهن ته نون ليگ کي گهر وڃڻو پئجي سگهي ٿو ۽ اسٽيبلشمينٽ ڏيڍ ٻن سالن لاءِ نگران سيٽ اپ کڻي اچي سگهي ٿي. ان ڪري هنن شهباز شريف جي ذميواري لڳائي آهي ته هو پيپلز پارٽي سان ڳالهائي 3-4 ڏينهن ۾ صورتحال واضح ڪري ته جيئن 28هين ترميم اچي سگهي.اسٽيبلشمينٽ وفاقي حڪومت کي پنهنجي ايجنڊا لاءِ هڪ ‘ايگزيڪيوشن ايجنسي’ (عملدرآمد ڪندڙ ادارو) طور ڏسندي آهي.وزيراعظم به هڪ طرح سان سي اي او وانگر آهي، جيڪڏهن هو مقصد پورا نه ڪري ته ڪمپني جي مالڪن کي ڪاوڙ ايندي. بظاهر اهو پيو لڳي ته وفاقي حڪومت مخلصاڻي ڪوشش ڪندي، وفد بلاول ۽ زرداري صاحب سان ڳالهائڻ ويندو. پيپلز پارٽي چوندي ته پئسا گهرجن ته ٻين طريقن سان وٺو پر آئين ۾ ترميم نه ڪريو. زرداري پئسا ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندو. پر ڇا اسٽيبلشمينٽ بغير آئيني ترميم جي بجيٽ پاس ٿيڻ ڏيندي يا نه؟ اهو فيصلو اسٽيبلشمينٽ کي ڪرڻو آهي،
آءِ ايم ايف پروگرام سبب ترقياتي بجيٽ متاثر، فنڊن ۾ وڏي گهٽتائي
اسلام آباد(ع آ نيوز)عالمي مالياتي فنڊ جي پروگرام سبب ملڪ جي ترقياتي بجيٽ متاثر ٿي آهي ۽ رٿيل ناڻي جي واپرائڻ ۾ وڏي گهٽتائي سامهون آئي آهي. آءِ ايم ايف جي پروگرام هيٺ لاڳو سخت شرطَن سبب ترقياتي بجيٽ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته ترقياتي ڪمن لاءِ رکيل هڪ هزار ارب رپين مان هينئر تائين رڳو 528 ارب رپيا ئي خرچ ڪري سگهيا آهن. احسن اقبال جي صدارت هيٺ سومر ڏينهن سالياني رٿابندي هم آهنگي ڪميٽي آڏو پيش ڪيل ڪم ڪندڙ دستاويز موجب، حڪومت سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام لاءِ هڪ هزار ارب رپيا رکيا هئا، جن مان وزارتن، ڀاڱن ۽ انتظامي ادارن جولاءِ 2025 کان 25 مئي 2026 تائين 528 ارب رپيا خرچ ڪيا. سالياني رٿابندي هم آهنگي ڪميٽي جي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۾ ترقياتي رٿائن لاءِ ناڻي ۾ لڳاتار گهٽتائي اچي رهي آهي. سيڙپڪاري گڏيل قومي پيداوار جي 2.6 سيڪڙو مان گهٽجي 0.6 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي.
اهم قانون سازي سبب 5 جون تي بجيٽ پيش نه ٿيندي، قومي اقتصادي ڪائونسل اجلاس به ملتوي
اسلام آباد (ع آ نيوز) وفاقي حڪومت پاران مالي سال 2026-27 جي بجيٽ 5 جون تي پيش نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قومي اقتصادي ڪائونسل جو 3 جون تي ٿيندڙ اهم اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي. پارلياماني ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت بجيٽ اجلاس کان اڳ اهم قانون سازي ڪرڻ چاهي ٿي، ان قانون سازي جا ايندڙ وفاقي بجيٽ تي اهم اثر پوندا، جڏهن ته پيپلز پارٽي ان قانون سازي جي حق ۾ ناهي.پارلياماني ذريعن موجب، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شگر ويلي ۾ پنهنجي خطاب ۾ واضح پيغام ڏنو آهي. پيپلز پارٽي تجويز ڪيل ترميمن جي مخالفت ڪري رهي آهي، جيڪڏهن بجيٽ اجلاس کان اڳ ترميمون نه ٿي سگهيون ته ايندڙ مالي سال ۾ تبديليون نه اچي سگهنديون. پارلياماني ذريعن اهو به ٻڌايو ته پيپلز پارٽي کي پرچائڻ لاءِ اهم شخصيتن کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري في الحال گلگت بلتستان ۾ اليڪشن مهم ۾ رڌل آهي، کيس پرچائڻ کانپوءِ ئي بجيٽ اجلاس جي نئين تاريخ ڏئي سگهبي. ذريعن موجب، امڪان آهي ته وفاقي بجيٽ هاڻي 8 يا 12 جون تي پيش ڪئي ويندي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ 10 جون تي پيش ٿيڻ جو پڻ امڪان آهي.پارلياماني ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت بجيٽ اجلاس کان اڳ اهم قانون سازي ڪرڻ چاهي ٿي، ان قانون سازي جا ايندڙ وفاقي بجيٽ تي اهم اثر پوندا، جڏهن ته پيپلز پارٽي ان قانون سازي جي حق ۾ ناهي. پارلياماني ذريعن موجب، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شگر ويلي ۾ پنهنجي خطاب ۾ واضح پيغام ڏنو آهي.پيپلز پارٽي تجويز ڪيل ترميمن جي مخالفت ڪري رهي آهي، جيڪڏهن بجيٽ اجلاس کان اڳ ترميمون نه ٿي سگهيون ته ايندڙ مالي سال ۾ تبديليون نه اچي سگهنديون. پارلياماني ذريعن اهو به ٻڌايو ته پيپلز پارٽي کي پرچائڻ لاءِ اهم شخصيتن کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.بلاول ڀٽو زرداري في الحال گلگت بلتستان ۾ اليڪشن مهم ۾ رڌل آهي، کيس پرچائڻ کانپوءِ ئي بجيٽ اجلاس جي نئين تاريخ ڏئي سگهبي.ذريعن موجب، امڪان آهي ته وفاقي بجيٽ هاڻي 8 يا 12 جون تي پيش ڪئي ويندي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ 10 جون تي پيش ٿيڻ جو پڻ امڪان آهي.
بجيٽ ۾ پيٽروليم ليوي ٻيڻي، عوام تي 220 ارب رپين جا نوان ٽئڪس
اسلام آباد(ع آ نيوز) نئين وفاقي بجيٽ ۾ پيٽروليم شين تي ڪلائيميٽ سپورٽ ليوي کي ٻيڻو ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ٻارن جي فارمولا کير، گيهه، کاڄرو تيل، چانهه جي پتي، کنڊ، خشڪ کير ۽ ان مان ٺهيل شين سميت درجنين کاڌي پيتي جون شيون سيلز ٽيڪس جي ٽئين شيڊول ۾ شامل ٿيڻ جو امڪان آهي.ميڊيا رپورٽ مطابق، بجيٽ ۾ ٻارن جي فارمولا کير، ڪيچپ، سبزي جي گھي، کاڌي جو تيل، چانهه جي پني، کنڊ، خشڪ کير ۽ ان مان ٺهيل شين سميت درجنين کاڌي پيتي جي شين ۽ روزاني ضرورتن تي سيلز ٽيڪس جمع ڪرڻ لاءِ پرچون قيمت لڳائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، جنهن لاءِ اهي درجنين شيون ٽئين شيڊول ۾ شامل ڪيون وينديون. ان کان علاوه، کاڌي پيتي جون شيون ۽ ضروري شيون جن تي ڳرا ٽيڪس لڳايا ويندا آهن، انهن کي ايندڙ بجيٽ ۾ به برقرار رکڻ جو امڪان آهي، جنهن ڪري اهي شيون وڌيڪ مهانگيون ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته بجلي وارين گاڏين جي سي ڪي ڊي ڪِٽس تي سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ پهرين جولاءِ 2026 کان ختم ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مقامي طور تي تيار ڪيل بجلي وارين گاڏين تي هڪ سيڪڙو سيلز ٽيڪس 30 جون 2026 تائين لاڳو رهندو. ساڳئي طرح هائبرڊ بجلي وارين گاڏين تي رعايتي سيلز ٽيڪس جي مدت به 30 جون 2026 تي ختم ٿي ويندي ۽ ان ۾ وڌيڪ رعايت جو ڪو به امڪان ناهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين تي ڪلائيميٽ سپورٽ ليوي پهرين جولاءِ کان ٻيڻي ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن تحت پيٽروليم شين تي ڪلائيميٽ سپورٽ ليوي 2.5 رپيا في ليٽر کان وڌائي 5 رپيا في ليٽر ڪري سگهجي ٿو. اندازو آهي ته ايندڙ مالي سال دوران ڪلائيميٽ سپورٽ ليوي جي طور تي 90 ارب رپين کان وڌيڪ گڏ ڪيو ويندو. نئين بجيٽ ۾ عوام تي 220 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي، واپارين لاءِ فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم متعارف ڪرائڻ جي تجويز آهي، 200 ملين رپين جي سالياني سيلز تي 25,000 رپين جو فڪسڊ ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو، جنهن تي واپارين کي آڊٽ کان آجوٰ ڪري سگهجي ٿو، آءِ ايم ايف جي ايس ٽي جي شرح 18 کان 19 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ذريعن موجب، بجيٽ ۾ ايندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ لاءِ اضافي ٽيڪس قدم شامل هوندا، ۽ نئين بجيٽ ۾ سپر ٽيڪس ۾ هڪ کان ٻه سيڪڙو گهٽتائي جي تجويز پڻ آهي. بجيٽ ۾ ڪرپٽو ٽريڊنگ تي 10 کان 30 سيڪڙو ڪيپيٽل گين ٽيڪس لاڳو ٿي سگهي ٿو، جنهن لاءِ ڪرپٽو ٽرانزيڪشن سان لاڳاپيل ڪيپيٽل گين شق ٽيڪس ايڪٽ 2001 جي سيڪشن 37 ۾ شامل ٿيڻ جو امڪان آهي.
28 هين ترميم تي پ پ”ڪجهه ڏيو ڪجهه وٺو“ بنياد تي ڳالهين لاءِ تيار؟
اسلام آباد(اعزاز سيد+آصف بشير چوڌري)بجيٽ پيش ڪرڻ لاءِ حڪومت، ايف بي آر ۽ ناڻي وزارت جي مڪمل تياري هئي. اهڙي طرح پارليامينٽ جي به بجيٽ حوالي سان مڪمل تياري هئي، پر پارليامينٽ سيشن لاءِ صدر سمري منظور ڪئي آهي، پر پوءِ 5 تاريخ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو. پارلياماني ذريعن ٻڌايو ته سينيٽ جو اجلاس 4 تاريخ تي گهرايو پيو وڃي ۽ بجيٽ اجلاس کان اڳ ڪا قانون سازي ڪئي ويندي. پاڪستان پيپلز پارٽي ان قانون سازي لاءِ انڪار ڪري ڇڏيو آهي جيڪا حڪومت بجيٽ اجلاس کان اڳ ڪرڻ چاهي پئي.آئين اندر ڪجهه اهڙيون ترميمون هيون جن کي بجيٽ تي اثر انداز ٿيڻو هو. ڪالهه به بلاول گلگت بلتستان جي ماڻهن کي چيو ته مان چاهيان ٿو ته توهان جا فيصلا اسلام آباد ۾ ويٺل ماڻهو نه ڪن، هاڻي اسلام آباد ۾ ويٺل ماڻهو جيڪي فيصلا ڪري رهيا آهن، ان مان هڪ تاثر وڃي رهيو هو ته شايد هو ڪشمير جي معاملن واري وزارت جي ڳالهھ ڪري رهيو آهي، پر ائين ناهي،هن جو اشارو طاقتورن ڏانهن هو، نئين تجويز ڪيل آئيني ترميم ۾ ڪراچي ۽ گوادر کي ‘وفاقي ايريا قرار ڏيڻ جو هڪ خيال آهي. ته هو اتي ان بابت ڳالهائي رهيو هو. هاڻي بلاول جو بيان هڪ طرح سان ‘اعلانِ جنگ’ آهي. پيپلز پارٽي حڪومت تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هوءَ اڄ جي ڏينهن تائين ان تجويز ڪيل قانون سازي تي ڪنهن به صورت ۾ تيار ناهي. ۽ هاڻي ڇاڪاڻ ته وفاقي حڪومت چاهي ٿي ته جيڪڏهن بجيٽ کان اڳ اها ترميم نه ٿي ۽ وفاقي بجيٽ پاس ڪرائي ورتو ويو، ته پوءِ هڪ سال لاءِ وسيلن جي ورڇ پراڻي طريقيڪار موجب ٿيندي، جيڪو شايد هو نٿا چاهين. ان ڪري في الحال 10 تاريخ جي هڪ عارضي تاريخ ڏني وئي آهي، اها به حتمي ناهي، جيڪڏهن ان کان اڳ اتحادي مڃي وڃن ٿا ته معاملو حل ٿيندو. هڪ ٻيو به معاملو آهي ته ايم ڪيو ايم وارا چون ٿا ته ڪامران ٽيسوري کي واپس آڻيو ته اسان بجيٽ جو معاهدو ڪنداسين، بجيٽ پاس ڪرڻ لاءِ حڪومت وٽ سادي اڪثريت موجود آهي. پر جڏهن به ڀاڱي ٽي اڪثريت لاءِ کين پيپلز پارٽي جي ضرورت پوندي. ٽي وي چينلز تي خبرون هلي ويون ته بجيٽ اجلاس 5 تي ٿي رهيو آهي، پر ان کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو. نوٽيفڪيشن ان ڪري نه ٿيو ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي راضي نه هئي، جيڪڏهن پيپلز پارٽي مڃي وٺي ٿي ته بجيٽ اجلاس کان اڳ شايد ڪا قانون سازي ٿئي، پر جيڪڏهن پيپلز پارٽي نٿي مڃي ته پوءِ صرف بجيٽ جي منظوري ٿيندي اين ايف سي ايوارڊ کي ڇيڙيو وڃي، يا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا صوبن کي ڏيڻ وارو معاملو هجي، يا صوبن بابت جيڪو ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿا، يا آئين ۾ جيڪي ترميمون ايندڙ اليڪشن بابت آهن، يا وڏن شهرن جئين توهان چيو ته گوادر ۽ ڪراچي کي وفاق جي ڪنٽرول ۾ وٺڻ جي ڳالهھ آهي، اهي سڀ شيون جن تي ڳالهھ ٻولھ ٿي رهي آهي، اهي تيسين تائين نه ٿي سگهنديون جيسين پيپلز پارٽي راضي نٿي ٿئي،پيپلز پارٽي سان عيد کان ٿورو اڳ وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ڪور ٽيم سان گڏ مليو هو، جنهن ۾ رانا ثناءُ الله ۽ اسپيڪر اياز صادق به هئا. اهي سڀ پريزيڊنٽ هائوس (ايوانِ صدر) ۾ صدر زرداري سان مليا هئا ۽ اتي اٽڪل ڏيڍ ٻه ڪلاڪ ميٽنگ هلي. ان ۾ تمام گهڻا آپشنز آيا، تمام گهڻيون شيون ٿيون. ان ۾ صدر زرداري چيو ته توهان جيڪي ڳالهيون اسان کان ڪرائڻ چاهيو ٿا، اهي پاڪستان پيپلز پارٽي جا لڳايل ٻوٽا آهن، جئين اين ايف سي ايوارڊ ۽ صوبائي خودمختياري آهي. جيڪڏهن هاڻي اسان پنهنجي بنيادي اصولن جي خلاف وينداسين ته ان جا اثر ٿيندا، ان جي سياسي قيمت هوندي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي اها سياسي قيمت ادا ڪري ته بدلي ۾ توهان اسان کي ڇا ڏيندو؟” هاڻي بدلي ۾ ڏيڻ لاءِ ڪجهه ناهي، ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي بدلي ۾ اها ڳالهھ ڪندي آهي ته بلاول کي وزيراعظم بڻايو وڃي، ان کان گهٽ تي هو ڳالهھ نٿا ڪن، ۽ اها شرط نون ليگ کي منظور ناهي.هاڻي ٻيهر ڪجهه سياسي شخصيتن کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي ته هو بلاول کي مڃائين. بلاول هن وقت گلگت بلتستان ۾ اليڪشن مهم هلائي رهيو آهي. يا ته ماڻهو وڃي کيس اتي ملندا يا وري 7 تاريخ تي اتي اليڪشن آهي، ان کانپوءِ جڏهن هو واپس ايندو ته اسلام آباد يا ڪراچي ۾ ڪجهه ماڻهو کيس ملندا. پر جيڪڏهن بجيٽ سان گڏ ڪي اهم تبديليون ۽ ترميمون ڪرڻيون آهن ته پيپلز پارٽي کي مڃائڻو پوندو. اڄ جي ڏينهن ۾ پيپلز پارٽي به توهان سان ناراض آهي، ۽ سادي بجيٽ جي منظوري ۾ جيڪا رڪاوٽ آهي، ان ۾ پيپلز پارٽي کان سواءِ ايم ڪيو ايم به هڪ شرط رکيو ويٺي آهي ته سنڌ ۾ گورنر سندن هجي. هاڻي اها به وڏي اهم شرط آهي.پيپلز پارٽي اهڙي ڪا به ڊيل نه ڪندي جيڪا غير مرئي هجي جيڪا سامهون نه هجي. ان ۾ ڏيو ۽ وٺو جو معاملو سامهون هوندو، تڏهن ئي شيون اڳتي وڌنديون.”