زين شاهه پاران محمود اچڪزئي تي ڪوڙي ڪيس جي مذمت

ڄامشورو(پ ر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي وائيس چيئرمين سيد زين شاھ پاران  قومي اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي چيئرمين ۽ پختون خواھ ملي عوامي پارٽي جي صدر محمود خان اچڪزئي مٿان بلوچستان سرڪاري پاران داخل ڪيل ڪوڙي ڪيس داخل ٿيڻ جي مذمت.سيد زين شاھ مذمتي بيان جاري ڪندي چيو ته سياسي مخالفن مٿان مسلسل ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي جنهن تي هي نام نهاد جمهوري حڪومت پنهنجي کليل هٿڪنڊا آزمائي پرامن سياسي ماحول کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش آهي،هن چيو ته مون سميت سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل جماعتن جي سربراهن، ڪارڪنن ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان سنڌ حڪومت هن وقت لاتعداد جعلي ڪيس داخل ڪيا آهن ۽ اهڙا من گهڙت ڪيس داخل ڪيا آهن جيڪي ثابت به نه ٿي سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.