ڪراچي (رپورٽر) گرفتار ڪوڪين ڊيلر انمول عرف پنڪي جي جيل ۾ هجڻ باوجود مبينا طور ڪوڪين نيٽ ورڪ سرگرم رهڻ جا انڪشاف سامهون آيا، ذريعن موجب پنڪي نيٽ ورڪ طرفان ڪراچي جي گهرن، بنگلن ۽ ريسٽورنٽن تائين مبينا طور پاپڙ ۽ چپس پيڪٽن ۾ ڪوڪين سپلائي ڪئي پئي وڃي، جاچ دوران اهو به سامهون آيو آهي ته نيٽ ورڪ جي جوابدارن طرفان واهپيدارن کي ون زيپ اڪائونٽ سميت مختلف آن لائن اڪائونٽس جا تفصيل موڪليا ويا ته جيئن ادائيگيون وصول ڪري سگهجن، ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ مبينه آڊيو به منظرعام تي آئي آهي، جنهن ۾ سپلائر هڪ گراهڪ کي ٻڌائي ٿو ته رائيڊر کيس چپس جا ڪيترائي پيڪٽ ڏيندو، آڊيو موجب انهن پيڪٽن اندر مبينه طور ڪوڪين پڻ شامل هوندو ۽ فراهمي بابت خاص هدايتون به ڏنيون وڃن ٿيون، اختيارين موجب مبينه نيٽ ورڪ بابت سامهون ايندڙ معلومات جي بنياد تي جاچ جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويو آهي.