ڪراچي (رپورٽر) جيل اختيارين سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي منشيات ڪيس ۾ گرفتار انمول عرف پنڪي کي عدالت ۾ ذاتي طور پيش ڪرڻ بدران وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪرڻ جي اجازت لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو، وويمن جيل ڪراچي جي سينيئر سپرينٽنڊنٽ عدالت کي درخواست ڏني ته پنڪي جي سيڪيورٽي کي سنگين خطرو آهي، تنهنڪري کيس ايندڙ ٻڌڻي تي جيل مان عدالت نه آندو وڃي، درخواست سان گڏ ڪورٽ ۾ پوليس جو حساس خط پڻ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ سيڪيورٽي خدشن کي ظاهر ڪيو ويو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته انمول پنڪي ٻن مختلف ڪيسن ۾ گارڊن ٿاڻي جي حوالي سان عدالت ۾ پيش ٿيڻي هئي پر سندس هاءِ پروفائل حيثيت سبب کيس عدالت آڻڻ نه رڳو عوامي سيڪيورٽي پر پاڻ پنڪي لاءِ به خطرو بڻجي سگهي ٿو، وڊيو لنڪ ذريعي پيشي لاءِ سمورا ٽيڪنيڪل انتظام جيل اندر مڪمل آهن .
۽ اهو طريقو محفوظ آهي.