اسلام آباد(اسد علي طور)ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا پوري دنيا ۾ پاڪستان ۾ انساني حقن جا وڏا ايماندار آواز آهن. هنن 400 کان وڌيڪ انهن ٻارن کي جيل مان آزاد ڪرايو جن تي مذهب جي توهين جا ڪوڙا الزام هئا. هنن مظلومن، مسنگ پرسنز، بلوچ شاگردن، صحافين ۽ اسلام آباد جي غريبن جا ڪيس وڙهيا. ناروي جي وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ کين ياد ڪيو ۽ پوري دنيا سندن ڪم کي ساراهي ٿي. پر اسان انهن ٻنهي مڙس ۽ زال کي جيل ۾ وجهي ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ جي هدايت جي باوجود اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ان تي فيصلو نٿي ڪري ۽ ڪيس مسلسل دير جو شڪار آهي،ڪالهه جسٽس اعظم خان جي عدالت ۾ ڪيس لڳل هو، پر پراسيڪيوشن جي هڪ جونيئر وڪيل چيو ته رياست پاران مقرر ڪيل ٽن رڪني ٽيم موجود ناهي، تنهنڪري ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي. جج اڄوڪي سموري ڪاز لسٽ ڪينسل ڪري صرف هن ڪيس کي ٻڌڻ لاءِ ويٺو هو، پر جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته پراسيڪيوشن جو هڪ وڪيل لاهور ۾ آهي ۽ ٻيو ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ مصروف آهي، ته هن ٻڌڻي 4 تاريخ (خميس) تائين ملتوي ڪري ڇڏي.هي اسان جو عدالتي نظام آهي، جتي جج چوي ٿو ته اسان سپريم ڪورٽ جي حڪم جا پابند آهيون پر ان جي باوجود ڪيس اڳتي هليو ويو. سپريم ڪورٽ 14 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻ جي ڊيڊ لائن ڏني هئي پر پراسيڪيوشن سپريم ڪورٽ جي آرڊر کي هوا ۾ اڏائي ڇڏي ٿي،