ڪراچي ۾ ٽريفڪ قانون جون ڀڃڪڙيون،10 لک 58 هزار اي چالان

ڪراچي (رپورٽر )ڪراچي پوليس طرفان ٽريفڪ  7 مهينن دوران ٽريفڪ قانونن جي خلاف ورزي تي 10 لک 58 هزار 918 چالان جاري ڪيا ويا، ذريعن موجب سنڌ حڪومت جي هدايت تي سڀني شهرين جو پهريون چالان مڪمل معاف ڪيو ويو جڏهن ته ٻئي چالان جي ادائيگي لاءِ 14 ڏينهن اندر 50 سيڪڙو رعايت پڻ ڏني وئي، سرڪاري انگن اکرن مطابق 10 لک 58 هزار 918 چالانن مان رڳو 86 هزار 5 چالان شهرين ادا ڪيا، جنهن جي مد ۾ 74 ڪروڙ 62 لک 31 هزار 476 رپيا سرڪاري خزاني ۾ جمع ٿيا، مجموعي طور تي جاري ڪيل چالانن مان صرف 8.12 سيڪڙو چالان ادا ڪيا ويا، اختيارين موجب ٽريفڪ قانونن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪارروائيون وڌيڪ سخت ڪرڻ جو امڪان آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.