ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي پوش علائقي ۾ پوليس آفيسر جي گهر مان ڌاڙو، ڊفينس فيز 8 ۾ هٿياربندن ڊي پي او رحيم يار خان عرفان سمون جي گهر ۾ ڌاڙو هنيو، پوليس موجب واردات رات دير سان ڊي ايڇ اي فيز 8 ۾ واقع مرتضيٰ ڪمرشل جي ويجهو فليٽ ۾ ٿي، فليٽ ۾ ڊي پي او رحيم يار خان عرفان سمون جو ڀاءُ ۽ ڀائٽيو موجود هئا، جڏهن هٿياربندن اندر داخل ٿي گهرڀاتين کي يرغمال بڻايو، ڏوهاري گهر مان ليپ ٽاپ، موبائل فونون ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا، واقعي جو ڪيس پوليس آفيسر عرفان سمون جي ڀاءُ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته واردات بابت اهم ثبوت هٿ اچي ويا آهن ۽ جوابدارن جي جلد گرفتاري جو امڪان آهي، جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته واردات ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس اختيارين ان جي تصديق ناهي ڪئي.