امن معاهدو تيار آهي، رڳو سرسي تي ’اختلاف‘ آهي

سيد مجاھد علي

ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ بار بار امن معاهدي جي خوشخبري اچڻ کان پوءِ ڊانوانڊول صورتحال پيدا ٿيڻ ڪري سڄي دنيا جا ماڻهو حيران آهن ته آخر ان جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو. ٻنهي ڌرين جي موقف کان سڀ واقف آهن ۽ هڪ ٻئي جي ريڊ لائينز (حندن) بابت به ڪا رازداري ناهي رکي وئي. ان جي باوجود معاهدو نه ٿيڻ جو سبب شايد جنگ ۾ سوڀ جي اعلان جو ڪريڊٽ کڻڻ وارو سوال بڻيل آهي.

ٻئي ملڪ جنگ کان پاسو ڪرڻ چاهين ٿا ۽ شايد ڪنهن نئين جنگي ڪارروائي جا سٽ به نٿا سهي سگهن، پر ان جي باوجود تهران هجي يا واشنگٽن، امن جي ڳالهين بابت حوصلو وڌائيندڙ پيغام ڏيندي ئي اچانڪ هڪ ٻئي تي الزام تراشي شروع ڪري ڏيندا آهن. اهڙي طرح ائين ئي لڳندو آهي ته شايد پاڻ ۾ رابطن جو سلسلو بند ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي ٻئي ڄڻا هڪ ڀيرو ٻيهر ميدانِ جنگ ۾ لهڻ لاءِ پر تولائي رهيا آهن. جڏهن ته حقيقت ان جي ابتي آهي. ٻئي ڌريون جنگ بندي جي اصولن ۽ هرمز جي لڪي (آبناءِ هرمز) کي کولڻ تي اصولي طور متفق ٿي چڪيون آهن. اهو به طئي ٿي چڪو آهي ته عبوري معاهدي کان پوءِ ٻئي ملڪ سڌوسنئون ڳالهين ۾ شريڪ ٿيندا ۽ ايران جي جوهري پروگرام ۽ افزودگي ڪيل يورينيم بابت اتفاقِ راءِ پيدا ڪيو ويندو. ڪافي حد تائين يقين سان چئي سگهجي ٿو ته تهران ۽ آمريڪا جي ڳالهين ڪندڙن (مذاڪرات ڪارن) جي وچ ۾ اها گڏيل پڄاڻي موجود آهي ته ڳالهين جي ايندڙ مرحلي ۾ ڪهڙيون رعايتون ڏنيون وينديون ۽ ڪهڙن مطالبن تان هڪ قدم پٺتي هٽبو.

ان حد تائين اتفاقِ راءِ ٿيڻ کان پوءِ به ايران ۽ آمريڪا ڪنهن باقاعدي ياداشت يا معاهدي جو اعلان ڪرڻ ۾ لنوائي رهيا آهن. ان جو اڪيلو سبب هن مرحلي تي ڪنهن معاهدي جي ٻولي يا متن کي اهڙي انداز ۾ لکڻ معلوم ٿئي ٿو، جنهن ۾ ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي نموني پاڻ کي ڪامياب قرار ڏئي اهو اعلان ڪري سگهن ته ٻئي ڌر شڪست تسليم ڪري معاهدي تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. گويا سادي لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته هن وقت ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جيڪا ’ڇڪتاڻ‘ هلي رهي آهي، ان جو مقصد ڪنهن اصول تي اختلاف ناهي، پر اها خواهش آهي ته ڪنهن دستاويز جي سرخي يا عنوان سندن ’حمايت‘ ۾ هجي. مثال طور جيڪڏهن ان جو عنوان اهو هجي ته ’ايران جنگ ۾ فاتح هو‘ ته تهران پاران چند لمحن ۾ ان کي منظور ڪرڻ جو اعلان سامهون اچي سگهي ٿو. ٻئي طرف جيڪڏهن ان سان ملندڙ جلندڙ ڪا عبارت آمريڪا جي حق ۾ عنوان طور لکي وڃي، ته ان ئي متن سان گڏ سڄي ياداشت کي منظور ڪرڻ جو اعلان صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ ڪندي دير نه ڪندو. ان سنگين ۽ افسوسناڪ سانحي جو هي پهلو بي شڪ کل جوڳو ۽ ٻاراڻو لڳي ٿو، پر هن معاملي کي ويجهڙائيءَ کان ڏسندڙ ان ڳالهه جي تصديق ڪري سگهن ٿا ته معاهدي تي اتفاق جي باوجود ان جو اعلان نه ڪرڻ جو سبب ڪريڊٽ کڻڻ جو تڪرار آهي. هن وقت ڪو به اهو ڪريڊٽ شيئر ڪرڻ (ونڊڻ) تي تيار ناهي.

اهڙي صورتحال ۾ ڏسڻ گهرجي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تڪرار جي نوعيت ڪهڙي آهي. آمريڪا ايران تي معاشي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ هرمز جي لڪي جي ناڪابندي ڪئي آهي ۽ ايران آمريڪا سان ڳالهين ۾ پنهنجي اهميت کي نمايان ڪرڻ لاءِ هرمز جي لڪي تان بحري اچ وڃ کي روڪڻ جو اعلان ڪري ٿو. ان جو مطالبو آهي ته ان آبي لنگهه تان گذرندڙ سمورا جهاز ايراني اختيارين کان اجازت وٺن ۽ ان جو معاوضو ادا ڪن. ٻئي طرف آمريڪا هيءَ جنگ ايران جي جوهري پروگرام کي تباهه ڪرڻ لاءِ شروع ڪئي هئي. ان جو چوڻ هو ته ايران ڪنهن به صورت ۾ جوهري هٿيار حاصل نٿو ڪري سگهي. ايران ڪنهن حد تائين اهو مطالبو 2016ع جي جوهري معاهدي ۾ تسليم ڪري چڪو هو. ان کان علاوه موجوده جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ عمان جي سهڪار سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جيڪي ڳالهيون ٿي رهيون هيون، تن ۾ ان معاملي تي تقريبن اتفاقِ راءِ پيدا ٿي چڪو هو. ايراني اڳواڻن جا ڪيترائي بيان ان حقيقت جي تصديق طور پيش ڪري سگهجن ٿا. جيتري قدر هرمز جي لڪي جو تعلق آهي، اهو هميشه کان بين الاقوامي سمنڊ طور تسليم ڪيو ويو هو ۽ ايران ڪڏهن به ان تي پنهنجي اختيار جو مطالبو نه ڪيو هو. پر آمريڪي حملي جي ردِعمل ۾ ايران ان آبي رستي تي دعويٰ شروع ڪئي. ظاهري طور هو ان تان دستبردار ٿيڻ تي تيار ناهي. تنهن هوندي به ان حوالي سان هي پهلو پڻ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ته هرمز جي لڪي کان متاثر ٿيندڙن ۾ آمريڪا سڀ کان اڳڀرو ناهي. هو ان رستي تان مال اسباب يا تيل حاصل ڪرڻ جو محتاج ناهي.

ٻئي طرف چين، انڊيا، ايشيا جي اڪثر ملڪن ۽ يورپي ملڪن لاءِ ان رستي تان ٿيندڙ سپلاءِ انتهائي اهم آهي. هي سمنڊ جو رستو تيل پيدا ڪندڙ خليجي ملڪن جي تيل جي فراهمي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ان کان سواءِ ان لنگهه تي ايراني قبضي يا اختيار جي دعويٰ جيڪڏهن آمريڪا قبول ڪري به وٺي، ته به ان جي پاڙيسري عرب ملڪن کي اهو هڪطرفو فيصلو ڪڏهن به قبول نه ٿيندو. گذريل ڪجهه ڏهاڪن دوران ايراني پاليسين ۽ جنگ دوران عرب ملڪن کي نشانو بڻائڻ واري حڪمت عملي جي ڪري هاڻي تهران حڪومت تي رهيل کهيل اعتماد به ختم ٿي چڪو آهي. عرب ملڪن لاءِ هرمز جي لڪي کي ايراني ڪنٽرول ۾ ڏيڻ جو اصول ڪنهن به صورت ۾ قابلِ قبول نه هوندو. ان ڪري جيڪڏهن آمريڪا ان ايراني ضد کي تسليم ڪري به وٺي، تڏهن به ان ايراني حربن جي ڪري خطي ۾ هڪ نئين جنگ جو خطرو موجود رهندو.

هن وقت متفقه ياداشت بابت جيڪي معلومات موجود آهن، تن مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي ته ايران ۽ آمريڪا هرمز جي لڪي کي جنگ کان اڳ واري پوزيشن تي بحال ڪرڻ تي متفق آهن. ايران ان جي بدلي پنهنجي ڄميل (فروزن) اثاثن مان وڏي رقم جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو هو، جيڪو شروع ۾ آمريڪا قبول نه ڪيو. تنهن هوندي به حتمي مسودي ۾ ان رقم مان 12 ارب ڊالر فوري طور ايران کي ڏيڻ تي اتفاق جون خبرون سامهون اچي چڪيون آهن. آمريڪا ايران جي ناڪابندي ختم ڪرڻ ۽ جوهري هٿيارن تي حتمي معاهدي لاءِ ٻئي مرحلي ۾ اتفاقِ راءِ تي به راضي آهي. ان جي باوجود تهران پاران مسلسل اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته ان جي جوهري هٿيارن جو معاملو بحث هيٺ ئي ناهي. حالانڪه هي سڄو تڪرار ايران جي جوهري پروگرام جي ڪري ئي شروع ٿيو هو.

قصو مختصر ته هرمز جي لڪي کي بنا شرط جي ڪولڻ، جوهري پروگرام تي پابندي ۽ افزودگي ڪيل يورينيم کي تباهه ڪرڻ تي حتمي اتفاقِ راءِ آمريڪا جون ريڊ لائينز (حندون) آهن. ايران ان جي بدلي معاشي پابنديون ختم ڪرائڻ ۽ پنهنجا ڄميل اثاثا حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. آمريڪا کي اصولي طور ان تي ڪو اختلاف ته ناهي، پر جئين ايران هن مرحلي تي جوهري هٿيارن بابت ڪو حتمي واعدو ڪرڻ کان پاسو ڪري رهيو آهي، تيئن آمريڪا به معاشي پابنديون هٽائڻ تي راضي ته آهي پر جيسين حتمي امن معاهدو طئي نه ٿي وڃي، هو ان جو اعلان ڪرڻ تي تيار ناهي.

امن جي ياداشت بابت ايران اصولي طور آمريڪا سان متفق ٿي چڪو آهي، پر ’جنگ جو فاتح‘ سڏائڻ جي شوق شايد فيصلي ڪندڙن جا هٿ پير ٻڌي ڇڏيا آهن. البته ايراني اڳواڻن کي اهو سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن هيءَ غير يقيني صورتحال هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنهن ٽڪراءُ جي شڪل اختيار ڪري ٿي، ته ان ۾ ڪنهن کي وڌيڪ تباهي جو منهن ڏسڻو پوندو؟

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.