ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي قائم مقام امير سيف الدين ايڊووڪيٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان تي سخت تنقيد ڪندي الزام لڳائيندي چيو آهي ته بهادرآباد ۾ واقع پارٽي جي مرڪزي آفيس قبضي واري زمين تي ٺهيل آهي، ادارا نور حق ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيف الدين ايڊووڪيٽ چيو ته ڪراچي جي تباهي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان پيپلز پارٽي سان گڏ ذميوار نظر اچي ٿي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن طرفان هِل پارڪ جي زمين تي قبضي جا الزام لڳايا پيا وڃن، پر پاڻ ايم ڪيو ايم جي بهادرآباد آفيس به ٻن عمارتن جي وچ واري رستي تي قبضو ڪري تعمير ڪئي وئي آهي، سيف الدين ايڊووڪيٽ موجب ماضي ۾ ايم ڪيو ايم جي مختلف دورن ۾ زمينن تي مبينا قبضا ٿيا، جن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي هئي، جنهن بعد ڪيترائي هنڌ خالي ڪرايا ويا، ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڪراچي ۾ پاڻي، بجلي ۽ گئس جي بحران تي سياست ڪندا رهيا آهن، جڏهن ته شهر ۾ بنيادي سهولتن جي صورتحال انتهائي خراب آهي.