حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان سندس لا آفيس قاسم آباد ۾ سنڌ ميمڻ اتحاد جي خصوصي مرڪزي وفد ملاقات ڪئي مغوي ايڪسائيز آفيسر سعيد احمد ميمڻ جي بلوچستان مان بازيابي لاءِ تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي اياز لطيف پليجو وفد کي ھر ممڪن مدد جو يقين ڏياريو ۽ ورتل ڪوششن کان آگاھ ڪيو. ٻئي پاسي جاپان ۽ برطانيا کان آيل عبدالحميد سومرو عبدالرزاق ٻرڙو ۽ ٻين مهمانن اياز لطيف پليجو سان سندس رھائشگاھ تي ملاقات ڪري عالمي، ملڪي ۽ سنڌ جي موجوده صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي ان موقعي اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو ته پيپلزپارٽي جي سنڌ ۾ 18 سالن خراب حڪمراني جي ڪري سنڌ ۾ غربت، بيروزگاري ۽ بي انتھا مھانگائي آھي. ھر کاتي ۾ ڪرپشن آھي. ڪرپٽ ماڻھن خلاف ڪا به ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي. جنھن ڪري وزير ۽ بيوروڪريسي بي خوف ٿي ڪرپشن ڪري رھيا آھن شاھوڪار سنڌ جا ماڻهو اذيت واري زندگي گذاري رهيا آهن خوشحال ماڻهو بدحال ٿي ويا آهن،هن چيو ته سنڌ جا ادارا تباھ ، ڳوٺ فقير، شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن، سنڌ جا ماڻهو پٿر جي دور ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ميرٽ کي قتل ڪري لکين روپيا وٺي نوڪريون وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. سنڌ ۾ ماڻهن کي پنهنجي مرضيءَ سان ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي،هن چيو ته پيپلز پارٽي جي غلط پاليسين جي ڪري سنڌ ۾ بي پناھ غربت وڌي، ھڪ طرف سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي، تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻي معدنيات آھي، ٻئي طرف زراعت، سمنڊ ۽ بندرگاھ آھن، اھڙن وسيلن وارا رياستون ترقي يافته ۽ خوشحال آھن پر سنڌ ۾ عوام بدحال ۽ پيپلا ۽ ڪرپٽ حڪمران خوشحال آھن. پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ وزيرن، مشيرن ۽ سنڌ مان اربين روپيا لٽي دبئي، لنڊن ۽ ٻين ملڪن ڏانھن منتقل ڪري پنھنجي بي پناھ دولت ٺاھي آهي. هن چيو ته سنڌ جا شاگرد ۽ نوجوان 18 سالن کان شديد احساس محرومي جو شڪار آھن. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ ساحر اياز لطيف پليجو، ايڊووڪيٽ سرباز اياز لطيف پليجو ۽ جوش اياز لطيف پليجو پڻ موجود هئا