ڪراچي ۽ گوادر کي اسلام آباد ذريعي هلائڻ جي ڪوشش پئي ٿئي: بلاول

شگر(ع آ نيوز) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مان چاهيان ٿو ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جو فيصلو اسلام آباد ۾ ويٺل بابو نه، پر اوهان ڪريو. شگر ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان ته سموري پي ڊي ايم کي ناراض  ڪري اوهان وٽ آيو هوس، هڪ ڀيرو ٻيهر هتي اوهان جو ساٿ گهرڻ آيو آهيان، اوهان ڪڏهن به پيپلز پارٽي کي مايوس ناهي ڪيو، هو غلط فهميءَ ۾ هئا ته عوام لاءِ آواز اٿارڻ وارو ڪو نه رهندو. هن چيو ته قائد عوام اٽي، لٽي ۽ اجهي واري نعري تي عمل به ڪيو هو. پاڪستان ائٽمي طاقت بڻجي اڄ دنيا سامهون مضبوط ٿي بيٺو آهي، پيپلز پارٽي هميشه پٺتي پيل طبقن جي نمائندگي ڪئي آهي، قائد عوام گلگت بلتستان جي ڪمزور عوام جو ساٿ ڏنو، اوهان قائد عوام جو ساٿ ڏنو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ به اسان جو مطالبو آهي ته گلگت بلتستان ۾ شفاف چونڊون ٿين، اوهان کي فارم 45 هٿ ۾ کڻي واپس وڃڻو آهي، اوهان کي منهنجو ساٿ ڏيڻو آهي، فارم 47 جو بندوبست مان پاڻ ڪندس، اميد آهي ته هن ڀيري اسان جي ڪا سيٽ چوري نه ٿيندي.  هن چيو ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جون چونڊون تڏهن ٿين جڏهن پاڪستان ۾ جنرل اليڪشن ٿئي، جڏهن گلگت بلتستان ۽ پاڪستان جون چونڊون گڏ ٿينديون ته پوءِ صحيح معنيٰ ۾ حقِ حاڪميت يقيني ٿيندو. پ پ چيئرمين چيو ته هو هر شيءِ کي اسلام آباد مان هلائڻ چاهين ٿا، گوادر ۽ ڪراچي کي به اسلام آباد مان هلائڻ چاهين ٿا، اسلام آباد وارا جيڪي فيصلا ڪن ٿا، ان جو نقصان اوهان ڀوڳيو آهي. هن چيوته ٻيون پارٽيون گلگت بلتستان ۽ گوادر کي به اسلام آباد مان هلائڻ چاهين ٿيون. جيڪڏهن وفاق ڪنگال آهي ته سڀ کان پهرين گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي وزارت بند ڪري. هن چيو ته اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آندو، شگر کان وٺي بلوچستان جي ساحلن تائين عورتن کي سهارو ملي ٿو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو تحفظ رڳو پيپلز پارٽي ڪري سگهي ٿي، ٻيون ڪنهن نه ڪنهن طرح هن پروگرام کي ختم ڪرڻ چاهين ٿيون، هاڻي سندن نئين سوچ اها آهي ته هي پروگرام صوبن جي حوالي ڪن، سڄي دنيا ۾ وفاقي حڪومتون اِها ذميواريون کڻنديون آهن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي صوبن جي حوالي ڪرڻ جو مطلب پروگرام بند ڪرڻ آهي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته مان پرڏيهي وزير طور افغانستان کي چوندو هوس ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ماڊل بڻايو ۽ غريبن جي مدد ڪريو، هتي اهڙيون سياسي جماعتون آهن جيڪي پنهنجي ئي ڪامياب منصوبي کي بند ڪرڻ جي سازش ڪري رهيون آهن، پر اسان سندن سموريون سازشون ناڪام بڻائينداسين. هن چيو ته جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو گلگت بلتستان آيو ته هن هتي غربت، پسماندگي ۽ مهانگائي ڏٺي ۽ چيو ته گلگت بلتستان جي ماڻهن جي قسمت ۾ هميشه غريب رهڻ لکيل ناهي. ڀٽو نه رڳو اٽي، لٽي ۽ اجهي جو نعرو بلند ڪيو پر ان تي عمل به ڪيو ۽ گلگت بلتستان لاءِ سبسڊي جو تحفو ڏنو جيڪو اڄ به جاري آهي.هن چيو ته ڪڻڪ ۽ پيٽرول تي سبسڊي پڻ جئي ڀٽو جي نعري جو نتيجو آهي ۽ اڄ به غريب ماڻهو ان مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن پاڪستان وٽ ايٽمي طاقت آهي ته اهو به جئي ڀٽو جي نعري جي ڪري آهي.بلاول ڀٽو چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪندڙ سمجهندا هئا ته غريبن، مزدورن، هارين، شاگردن ۽ جمهوريت جي آواز کي خاموش ڪري سگهجي ٿو، پر اهو نه ٿي سگهيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو پارٽي جو جهنڊو سنڀاليو ۽ ٽن ڏهاڪن تائين عوام، عورتن، نوجوانن، مزدورن ۽ هارين جو آواز رهي.هن مطالبو ڪيو ته گلگت بلتستان ۾ آزاد ۽ منصفانه چونڊون ڪرايون وڃن. عوام کي پيپلز پارٽي جي اميدوار کي ووٽ ڏيڻ گهرجي ته جيئن اهي ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو وانگر خدمت ڪري سگهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي جو بنيادي فلسفو روٽي، ڪپڙو ۽ گهر آهي ۽ پارٽي ان کي پنهنجي ذميواري سمجهي ٿي.بلاول ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي 18 هين آئيني ترميم جي طرز تي گلگت بلتستان جي ماڻهن کي به اختيار ۽ حق فراهم ڪندي. جيڪڏهن آئيني ترميم ڪئي وڃي ٿي ته گلگت بلتستان جي ماڻهن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته ان جو آسان طريقو اهو آهي ته پاڪستان جي عام چونڊن سان گڏ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ چونڊون ڪرايون وڃن ته جيئن خودمختياري جي جدوجهد کي مضبوط ڪيو وڃي .

 

فارم 47 تي بلاول ڀٽو کي به ڳالهائڻو پئجي ويو

لاهور(گوهر بٽ) آخرڪار بلاول ڀٽو زرداري جي صبر جو پيمانو به ڀرجي ويو آهي ۽ هو به فارم 47 بابت ڳالهائي پيو آهي. ميان نواز شريف به  پنهنجي پارٽي جي اليڪشن مهم هلائڻ لاءِ گلگت بلتستان وڃي رهيو آهي، هو اتي جلسو ڪندو ۽ پارٽي کي ليڊ ڪندو. ان سان جيڪا فضا پهرين پيپلز پارٽي جي حق ۾ لڳي رهي هئي، اها هاڻي نون ليگ لاءِ بهتر ٿيندي نظر اچي رهي آهي، ڇو ته نوازشريف جو ووٽر تي پنهنجو هڪ اثر آهي. سياسي ميدان ۾ هڪ وڏو دنگل ٿيڻ وارو آهي ڇو ته هن جي مقابلي ۾ بلاول ڀٽو زرداري اڳي ئي اتي موجود آهي ۽ مهم هلائي رهيو آهي.بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان جي علائقي شگر ۾ هڪ وڏو جلسو ڪيو جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. اتي بلاول هڪ اهم مطالبو ڪيو آهي جنهن تي سنجيدگي سان بحث ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جي سڀني ماڻهن کي برابر حق ڏيڻ جو سادو طريقو اهو آهي ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جون چونڊون به پاڪستان جي عام چونڊن (جنرل اليڪشن) سان گڏ ڪرايون وڃن، ته جيئن حقِ حامڪيت  جي جدوجهد کي طاقت ملي. ٻي اهم ڳالهه بلاول اها ڪئي ته گذريل چونڊن ۾ اسان کان 9 سيٽون ڦريون ويون هيون، هاڻي اوهان ووٽ ڏيڻ وڃو ته تير تي ٺپو هڻو ۽ پنهنجي ووٽ جي حفاظت ڪريو. اوهان پولنگ اسٽيشن تان فارم 45 حاصل ڪري ٻاهر نڪرو، باقي رهي ڳالهه فارم 47 جي ته ان جو بندوبست مان پاڻ ڪندس، هن ڀيري پنهنجون سيٽون ضايع ٿيڻ نه ڏيندس.

28هين ترميم خلاف بلاول جي سخت مزاحمت،پردي پٺيان ن ليگ به حمايت ڪئي

اسلام آباد (سجاد انور) عيد کان اڳ ڳالهيون هلي رهيون هيون ته صدر آصف علي زرداري کي هٽايو ويندو، 28هين آئيني ترميم آندي ويندي، اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديليون ڪيون وينديون، ووٽرن جي عمر تبديل  ڪئي ويندي ۽ نون صوبن جو معاملو به اڳتي وڌايو ويندو. پر هاڻي بجيٽ اجلاس سڏايو ويو آهي ۽ بجيٽ دوران آئيني ترميم آڻڻ ممڪن ناهي. اهو سڀ ڪجهه نه ٿيڻ پيپلز پارٽي جي ڪاميابي سمجهيو پيو وڃي،هڪ ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته آصف زرداري ۽ اسٽيبلشمينٽ جي هي ڇڪتاڻ ڪڏهن به مڪمل طور ختم نه ٿيندي. سياست ڪندڙ هر ڌر کي آهستي آهستي دٻاءُ هيٺ آندو ويندو. پر هي رڳو زرداري ۽ اسٽيبلشمينٽ جي جنگ نه هئي، بلڪه هڪ پاسي اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻئي پاسي تقريباً سموري سياسي طبقي جي ڇڪتاڻ هئي.پيپلز پارٽي کلي مخالفت ڪري رهي هئي. بلاول ڀٽو حڪومت کي ايتري گنجائش ئي نه ڏني جو اهي 28هين ترميم جو مسودو به آڻي سگهن. حڪومت به اندروني طور ان عمل کي سست ڪري رهي هئي. ٻاهر کان ته چوندا هئا ته اتفاقِ راءِ کان سواءِ ترميم ممڪن ناهي، پر حقيقت ۾ هو به مڪمل طور ان عمل جي حق ۾ نه هئا. هاڻي اهو به واضح ٿي ويو آهي ته مريم نواز نه نون صوبن جي حمايت ڪري ٿي ۽ نه ئي مقامي حڪومتن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ چاهي ٿي. پيپلز پارٽي جي مخالفت سبب مسلم ليگ (ن) کي کلي مخالفت ڪرڻ جي ضرورت نه پئي.هاڻي پاڪستان تحريڪ انصاف به سمجهي رهي آهي ته صوبائي خودمختياري ضروري آهي. خيبر پختونخواهه سان جيڪو ورتاءُ ٿي رهيو آهي، ان کان پوءِ اتي سڀئي سياسي پارٽيون گڏ ٿي ويون هيون. ان مان ظاهر ٿيو ته هي معاملو رڳو هڪ پارٽي جو نه پر سياسي قوتن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ طاقت جي توازن جو آهي.اسٽيبلشمينٽ چاهي ٿي ته سياسي پارٽين کي ننڍن ننڍن حصن ۾ ورهائي، انهن کي ڪمزور ۽ آساني سان سنڀالڻ جهڙو بڻايو وڃي. ان جدوجهد جو نتيجو ملڪ لاءِ ڪو فائدو نه آندو آهي. ٻئي پاسي  فوجي حلقن، خاص طور رٽائرڊ فوجين ۽ ڪيترن آفيسرن ۾ عمران خان اڄ به مقبول آهي. ڪيترائي اڳوڻا جنرل به سمجهن ٿا ته عمران خان کي سياسي عمل ۾ واپس آڻڻ گهرجي.جنرل ڪياني ماضي ۾ به سياسي بحرانن ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري چڪا آهن. جيڪي ذريعا هي خبرون ڏئي رهيا آهن، انهن جو چوڻ آهي ته ڪياني به عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ڪا واٽ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.اصل مسئلو اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ عمران خان کان چاهي ٿي ته هو موجوده نظام کي چيلينج نه ڪن. جيڪڏهن هو خاموش رهن يا ملڪ کان ٻاهر وڃن ته ڳالهه اڳتي وڌي سگهي ٿي، پر جيڪڏهن ٻاهر اچي ساڳي سياسي جدوجهد جاري رکن ته پوءِ تڪرار برقرار رهندو.جڏهن ته گلگت بلتستان جي چونڊن بابت اڳڪٿي اها آهي ته هن ڀيري آزاد اميدوار سياسي پارٽين کان وڌيڪ سيٽون کٽيندا. شايد ڪا به پارٽي واضح اڪثريت حاصل نه ڪري سگهي.پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن)، تحريڪ انصاف ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي سڀ ڪجهه سيٽون حاصل ڪري سگهن ٿيون، پر اڪثريت آزاد اميدوارن وٽ هوندي. تحريڪ انصاف جي حامين مان به ڪيترائي آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهي رهيا آهن.مقامي قومپرست اڳواڻ بابا جان گلگت بلتستان جي اصل مقامي آواز طور اڀري چڪا آهن، پر انهن کي چونڊ وڙهڻ کان روڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.