پگهاردار طبقي تي ٽيڪس شرح 20 سيڪڙو ۽ سپرٽيڪس ختم ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) اڪنامڪ پاليسي اينڊ بزنس ڊيولپمينٽ ٿنڪ ٽينڪ پاران مالي سال 2026-27 لاءِ ”شيڊو بجيٽ“جاري ڪيو ويو آهي.هي شيڊو بجيٽ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري  جي سهڪار سان احمد نواز سکيرا جي صحيحن سان جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ملڪي معيشت جي بهتري، عوام ۽ ڪاروباري طبقي کي ريليف ڏيڻ لاءِ اهم تجويزون ڏنيون ويون آهن.شيڊو بجيٽ جي اهم نڪتن ۾ چيو ويو ته پگهاردار طبقي تي ٽيڪس جي وڌ کان وڌ شرح 35 سيڪڙو مان گهٽائي 20 سيڪڙو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سالياني 8 لک روپيا ڪمائيندڙن کي ٽيڪس مان مڪمل ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.ايندڙ ٽن سالن ۾ سيلز ٽيڪس جي شرح 18 سيڪڙو مان گهٽائي 15 سيڪڙو ڪئي وڃي.ود هولڊنگ ٽيڪس جي ڪيٽيگريز کي 52 مان گهٽائي 32 ڪيو وڃي، ۽ انٽر ڪارپوريٽ ڊيويڊنڊ تي ود هولڊنگ ٽيڪس  مڪمل ختم ڪيو وڃي.ڪاروبار ڪرڻ جي لاڳت گهٽائڻ لاءِ ڪارپوريٽ ٽيڪس 29 سيڪڙو مان گهٽائي 25 سيڪڙو ڪيو وڃي، جڏهن ته بئنڪن کان علاوه باقي سڀني ڪاروبارن تان سپر ٽيڪس ختم ڪيو وڃي.ريئل اسٽيٽ ۾ ٽيڪسن جي موجوده شرح 5.5 سيڪڙو مان گهٽائي سڀني لاءِ هڪجهڙي يعني 0.5 سيڪڙو مقرر ڪئي وڃي.واپارين جا ٽيڪس ريفنڊ ترت ادا ڪيا وڃن ۽ عدالتن ۾ ڦاٿل 5700 ارب روپين جي ٽيڪس مقدمات جا فيصلا ترت ڪيا وڃن.ملڪ مان ”نان فائلر“ جي ڪيٽيگري کي مڪمل ختم ڪري، ان جي جاءِ تي ريٽيلرز، وينڊرز ۽ مرچنٽس (ننڍن دڪاندارن ۽ واپارين) کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي.ٿنڪ ٽينڪ پاران ٽيڪس ڏيندڙن جي سهولت لاءِ رڳو هڪ صفحي تي ٻڌل انڪم ٽيڪس گوشوارو (رٽرن فارم) پڻ متعارف ڪرايو ويو آهي.ايف بي آر جي نئين سر تنظيمِ ڪاري ڪئي وڃي. ڪسٽمز ۽ انڪم ٽيڪس جا الڳ الڳ بورڊ جوڙيا وڃن ۽ بورڊ ۾ نجي شعبي (پرائيويٽ سيڪٽر) جي نمائندن کي به شامل ڪيو وڃي. ان سان گڏوگڏ، 3 سالن لاءِ هڪ باصلاحيت ۽ جوابده چيئرمين ايف بي آر مقرر ڪيو وڃي.

آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي 72 ارب رپين جو نفعو !

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ايندڙ بجيٽ کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب جي سربراهيءَ ۾ هڪ اعليٰ اختيارن واري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا ڪراس سبسڊي جي نظام جو جائزو وٺندي ۽ او ايم سيز جي مبينه 72 ارب روپين جي غير معمولي منافعي جي واپسي تي غور ڪندي.هيءَ ڪميٽي خليجي جنگ کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن  ۾ ٿيندڙ لاهي چاڙهي دوران آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين پاران حاصل ڪيل مبينه 72 ارب روپين جي منافعي جي وصولي وارن معاملن جو جائزو وٺندي.وزيراعظم جي هدايت تي جوڙيل ان ڪميٽيءَ جي حوالي سان اهم تفصيل هيٺ ڏجن ٿا:ڪميٽي خليجي جنگ کانپوءِ تيل جي قيمتن ۾ تبديليءَ دوران آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين پاران ڪمايل 72 ارب روپين جي مبينه منافعي جي واپسيءَ بابت قانوني ۽ انتظامي رستن تي غور ڪندي.ايندڙ وفاقي بجيٽ جي حوالي سان وڏن مالي توڙي معاشي معاملن جو جائزو ورتو ويندو.سرڪاري اخراجات ۾ ڪفايت شعاري، ترقياتي اخراجات جي ترجيحن، توانائي (بجلي ۽ گئس) جي شعبي ۾ سڌارن ۽ مختلف وزارتن توڙي ڊويزنن ۾ رائٽ سائزنگ (کاتي جي تنظيمِ نو ۽ ملازمن جي ضرورت جو تعين) وارن قدمن کي لاڳو ڪيو ويندو.وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب ڪميٽي جي اڳواڻي ڪندو.اقتصادي امور، منصوبه بندي ۽ قانون جا وفاقي وزير ڪميٽي جا ميمبر هوندا.اڳوڻي بيوروڪريٽ مشرف رسول کي ڪميٽي جو چيف ٽيڪنيڪل ائڊوائزر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بجيٽ جو ايڊيشنل سيڪريٽري به ان ڪميٽي جو حصو هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.