بيجنگ(عوامي آواز نيوز) وزيراعظم محمد شهباز شريف سخت محنت ۽ مسلسل ڪوششن سان پاڪستان ۾ ترقي جي لاءِ چين جو معاشي ماڊل اختيار ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته چين جي ترقي، غربت، بيروزگاري، بيمارين ۽ چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي قابل رشڪ سفر مان دنيا کي سکڻ گهرجي، پاڪستان چين دوستي جي وڻ جون پاڙون تمام گهڻيون مضبوط آهن، ان طوفانن کي منهن ڏنو آهي، ڇانو فراهم ڪئي آهي ۽ تمام مٺو ڦل ڏنو آهي، اسان جي گڏيل ذميواري آهي ته ان جون نيون شاخون وڌن ويجهن ته جيئن ايندڙ نسل اهو ورثو حاصل ڪري جيڪو اسان جي بزرگن جي تصور کان به وڌيڪ مضبوط لاڳاپا رکندڙ هجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه اڱاري ڏينهن پاڪ – چين سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي حوالي سان خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ عوامي جمهوريه چين جي نائب صدر هانزينگ ۽ پاڪستان جي وفد جي ميمبرن ۽ ٻين شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته بيجنگ ۾ اسان جي ٻنهي عظيم ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ هڪ اعزاز آهي، اسان جي عظيم اڳواڻن گذريل 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي ۾ اهي لاڳاپا وڏي لڳاءُ، عقيدت ۽ خلوص سان قائم ڪيا آهن، اهي لاڳاپا هاڻي هڪ اهڙي بلند مقام تي پهچي چڪا آهن جو انهن جو ڪو ثاني نه آهي ۽ نه ئي ان جهڙو ڪو مثال ملي سگهي ٿو، انهن 7 ڏهاڪن ۾ چين سخت ۽ اڻٿڪ محنت سان جنگ جي راک مان اٿي شان ۽ شوڪت جي بلند ترين چوٽيءَ تائين پهچڻ جو سفر طئي ڪيو آهي اهو قابل رشڪ سفر آهي جنهن مان دنيا جي سمورن ملڪن کي سبق سکڻ گهرجي ته ڪيئن غربت، بيروزگاري، بيمارين ۽ چئلينجز تي ضابطو آندو وڃي. جيڪڏهن ثابت قدم رهجي ته آخرڪار اهو حاصل ٿئي ٿو جيڪو چين حاصل ڪيو آهي. چين اڄ هڪ عالمي معاشي طاقت ۽ عالمي فوجي طاقت آهي ۽ هي ٻنهي ملڪن جي دوستي جو سنهري دور آهي. وزيراعظم پنهنجي اسڪول جي زماني ۾ چين جي اڳوڻي وزيراعظم چواين لائي جي پاڪستان جي دوري ۽ لاهور ايئرپورٽ تي استادن ۽ شاگردن سان گڏ ان جي استقبال جو يادگار واقعو بيان ڪيو. وزيراعظم چيو ته 2010ع ۾ پاڪستان ۾ شديد ٻوڏ آئي ته چين جي حڪومت فوري طور تي پاڪستاني ڀائرن جي دل کولي مدد ڪئي، ريسڪيو هيليڪاپٽرز ۽ ريسڪيو ٽيمون، دوائون ۽ ٻيو سامان موڪليو، چيني ڀائرن ۽ ڀينرن، ڊاڪٽرن ۽ ماهرن ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ متاثرين جي ڀرپور مدد ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين هڪ جان ٻه دل آهن ۽ اسان جي دل گڏ ڌڙڪي ٿي. صدر شي جن پنگ جي متحرڪ ۽ بصيرت افروز قيادت ۾ چين 80 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو آهي، لکين ماڻهن کي روزگار ڏنو آهي. چين معاشي طاقت جي لحاظ کان ڪنهن کان گهٽ نه آهي، چين فوجي طاقت جي لحاظ کان دنيا جي سڀ کان طاقتور فوج جي برابر آهي ان جي باوجود به صدر شي جن پنگ جو فلسفو، گهڻ رخي طريقيڪار کي فروغ ڏين، امن کي فروغ ڏيڻ ۽ انتهائي خطرناڪ تڪرارن جي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي حل ڪرڻ جو سندس ويزن کيس نه رڳو هڪ بلند شخصيت پر هن دور جي سڀ کان وڌيڪ قابل احترام اڳواڻن مان هڪ بڻائي ڇڏي ٿو. وزيراعظم چيو ته اچو اسان ان مان سبق سکون جيڪو مسلسل ڪوششن، محنت ۽ قربانين جو سفر آهي جيڪو هن جديد دور جي معجزي ۾ تبديل ٿيو آهي. چين پنهنجي معاشري کي مڪمل طور تي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي لاءِ اهو هڪ ڊگهو سفر آهي پر دنيا جو سڀ کان ڊگهو سفر به پهرين قدم کان شروع ٿئي ٿو. اچو اسان پهريون قدم کڻون ۽ يقين ڏياريان ٿو ته گڏيل ۽ انفرادي طور تي اسان سخت محنت ۽ مسلسل ڪوششن سان پاڪستان ۾ هڪ ننڍو چيني معاشي ماڊل هڪ ڏينهن ضرور ۽ جلد حاصل ڪري وٺنداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين دوستي جي وڻ جون پاڙون تمام گهڻيون مضبوط آهن. ان طوفانن کي منهن ڏنو آهي، ڇانو فراهم ڪئي ۽ ڪيترائي مٺا ميوا ڏنا آهن. اسان جي گڏيل ذميواري آهي ته ان جون نيون شاخون وڌن ويجهن ته جيئن اسان جي ايندڙ نسل اهو ورثو حاصل ڪري جيڪو اسان جي بزرگن جي تصور کان به وڌيڪ مضبوط لاڳاپا رکندڙ هجي. تقريب کي خطاب ڪندي چين جي نائب صدر هان زينگ چين جي حڪومت پاران پاڪستان سان سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه تي مبارڪباد ڏني ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ڀليڪار ڪيو. هن چيو ته اپريل 2015ع ۾ صدر شي جن پنگ پاڪستان جو تاريخي دورو ڪيو جنهن ۾ چين ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي جامع اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري تائين پهچايو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي ترقي جي لاءِ هڪ خاڪو تيار ڪيو ويو. هن چيو ته صدر شي جن پنگ سان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪارائتي ملاقات ٿي آهي، جنهن ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي هڪ نئين اسٽريٽجڪ سگهه فراهم ڪئي آهي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جاگرافيائي ۽ گڏيل مستقبل جي ذريعي ڳنڍيل سٺا دوست آهن، ماضي جي اسان جي قائدين ذاتي ڌيان سان اسان جي روايتي دوستي کي وڌايو، 75 سال اڳ جڏهن کان اسان جا سفارتي لاڳاپا قائم ٿيا. چين ۽ پاڪستان هڪ ٻئي جو احترام ڪن ٿا ۽ هڪ ٻئي تي اعتماد رکن ٿا، هڪ ٻئي جي حمايت ۽ هڪ ٻئي سان تعاون ڪن ٿا. پاڪستان سدائين چين سان مضبوطي سان گڏ بيٺل رهيو آهي. اهڙي طرح چين سدائين ضرورت جي وقت پاڪستان جو مضبوط حمايتي رهيو آهي. قراقرم هاءِ جيڪو اسان جي ٻنهي ملڪن کي ڳنڍي ٿو کان وٺي اسان جي گڏيل منصوبي سي پيڪ 2.0 تائين چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون پنهنجي دائره ڪار سگهه ۽ گهرائي ۾ مسلسل وڌندو رهيو آهي ۽ ان اسان جي ٻنهي ملڪن جي عوام کي عملي ۽ واضح فائدا پهچايا آهن. ٻئي پاسي وزيراعظم محمد شهباز پاڪ چين اقتصادي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ اداراجاتي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ ۾ آءِ بي آءِ ڪارپوريشن جي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. ان موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ اداراجاتي رابطن کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته اهڙي نوعيت جي لاڳاپن جو فروغ پاڪ چين جي هر موسم ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جو اهم ٿنڀ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چيني ڪمپينن کي پنهنجي ڪاروبار جي فروغ ۽ توسيع جي لاءِ ڀرپور تعاون فراهم ڪندو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ٽيڪنيڪي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. وزيراعظم چيو ته کيس ڪجهه هفتا اڳ اسلام آباد ۾ آءِ بي آءِ جي وفد جي ميزباني ڪري خوشي ٿي ۽ هن ڪمپني کي پاڪستان ۾ ان جي ڪاروباري سرگرمين جي فروغ جي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته سي پيڪ 2.0 تحت مصنوعي ذهانت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي پاڪستان جي چار اهم ترين ترجيحي پروگرامن ۾ شامل آهي، جن کي حڪومت تيز رفتاري سان اڳتي وڌائي رهي آهي. تقريب ۾ موجود نوجوان شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ڪندي وزيراعظم کين باصلاحيت ڪاروباري شخصيتون ۽ پنهنجي شعبن جا ماهر قرار ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان حڪومت نوجوانن کي فني تربيت ۽ مختلف شعبن ۾ مهارتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ وسيع پئماني تي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته نوجوان اسان جو مستقبل آهن ۽ پاڪستان چين تعاون ان جي ويجهي رابطي جي ذريعي وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ 2.0 تحت خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. هن چيني سيڙپڪارن کي ڪراچي ۾ پورٽ قاسم ويجهو قائم پهرين خصوصي اقتصادي زون جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته اهو 6 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي تي ٻڌل هڪ انتهائي اميد جوڳو منصوبو آهي، جتي جديد بنيادي ڍانچو ۽ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ان کان اڳ آءِ بي آءِ پهچڻ تي وزيراعظم جو استقبال فينگتائي ڊسٽرڪٽ جي پارٽي سيڪريٽري وانگ شائوفينگ ۽ آءِ بي آءِ جي صدر چيان شياوجون ڪيو. چين پاڪستان صنعتي تعاون جي فروغ ۽ سرحد پار صنعتي لنگهن بابت اجلاس ۾ 150 کان وڌيڪ ڪمپنين ۽ انهن جي نمائندن شرڪت ڪئي.هوڏانهن وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين پاڪستان جي معاشي خودمختياري جي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪندو، چيني قيادت سان گڏجي سي پيڪ 2.0 تي عملدرآمد تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان فريم ورڪ تحت زراعت هڪ ڀيرو ٻيهر سرفهرست آهي، مضبوط دوستي کي زراعت، صنعت، تحقيق ۽ ترقي ۽ ٻين اسٽريٽجڪ شعبن ۾ نئين انقلاب ۾ تبديل ڪنداسين، زرعي تعاون جي لاءِ مضبوط عملي اڳڀرائي جي ضرورت آهي، اسان گڏجي پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ سمورا هدف حاصل ڪنداسين، نوجوان اسان جو مستقبل آهن، هڪ هزار نئين زرعي گريجوئيٽس کي جديد زرعي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ چين جي يونيورسٽين ۾ موڪلينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اڱاري ڏينهن چائنيز اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز جي دوري جي موقعي تي پاڪ – چين زرعي تعاون تي منعقد ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته دنيا جي هن ناليواري اداري جو دورو منهنجي لاءِ اعزاز جوڳو آهي جيڪو زرعي تحقيق ۽ ترقي جي فروغ ۾ عالمي شهرت رکندڙ آهي، مون کي اعزازي پروفيسرشپ جو جيڪو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو آهي اهو اعزاز حاصل ڪرڻ رڳو منهنجي لاءِ ئي نه پر پوري پاڪستاني قوم جي لاءِ فخر جو سبب آهي. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻي ۽ پرجوش سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون، ان اعزاز کي حاصل ڪرڻ ۽ پاڪ چين لاڳاپن جي اها تاريخي سالگرهه غيرمعمولي ۽ يادگار موقعو آهي، اسان گڏجي ان مضبوط ڀائيچاري کي معاشي تبديلي ۽ انقلاب ۾ تبديل ڪنداسين، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ زراعت، صنعت، تحقيق ۽ ترقي ۽ گڏيل تعاون جي ٻين اسٽريٽجڪ شعبن ۾ هڪ ٻئي سان گڏجي معاشي تبديلي ۽ انقلاب آڻينداسين، اسان زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ چين جي تعاون جا خواهشمند آهيون، نوجوان اسان جو مستقبل آهن، پاڪ چين تعاون انهن جي ويجهي رابطي جي ذريعي وڌيڪ مستحڪم ٿيندو، اسان پنهنجي نوجوان ڪاروباري ماڻهن، آبادگارن ۽ سائنسدانن جي ڳالهه ڪريون ٿا جيڪي معيشت ۾ ترقي، جدت ۽ ٽيڪنالاجي آڻي رهيا آهن.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ زرعي تعاون جي لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿيون آهن، ان تي چين پاران ٺوس اڳڀرائي جي ضرورت آهي، زرعي شعبي ۾ اهي سمورا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين جن جا اسان وڏي عرصي کان منتظر آهيون. اسان کي پنهنجي زرعي تحقيقي مرڪزن کي بحال ڪرڻو پوندو، تحقيق کي ترقي ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا ۽ نئين صلاحيتن کي سامهون آڻڻو پوندو، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري بنياد تي پاڪستان ۾ دنيا جي بهترين اڪيڊمي قائم ڪريو، دنيا جي بهترين استادن ۽ سائنسدانن کي سامهون آڻيو اهي پاڪستان ۾ دستياب آهن، اسان چاهيون ٿا ته چائنيز اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز (ڪاس) اسان جي تحقيقي مرڪز جي منصوبي جي قيادت سنڀالي، توهان جي انتظام هيٺ فيڪلٽي اهو ڪم ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته چيني حڪومت، چيني قيادت ۽ پاڪستان ۾ چين جي سفير ۽ پاڪستان جي سفير جي ڪوششن سان پاڪستان جي چئني صوبن مان هڪ هزار نئين زرعي گريجوئيٽس کي چيني يونيورسٽين ۾ جديد زرعي ڪورسز ۽ جديد تربيت جي لاءِ موڪلڻ جي تجويز پيش ڪريان ٿو، ماضي وانگر هن ڀيري به شاگردن جي چونڊ مڪمل طور تي ميرٽ تي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقاتون انتهائي ڪارائتيون، دوستاڻي ۽ پرجوش رهيون آهن، اسان سي پيڪ 2.0 تي عملدرآمد تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان فريم ورڪ تحت زراعت هڪ ڀيرو ٻيهر سرفهرست آهي، صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ جي انهن جملن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان ته چين ۽ پاڪستان سدا بهار دوست آهن ۽ چين پاڪستان جي معاشي خودمختياري حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪندو، جيڪو اسان جي مستقبل ۽ اسان جي سلامتي لاءِ اهم آهي. وزيراعظم پاڪستاني شاگردن کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان پاڪستان جا روشن ستارا آهيو ۽ پاڪستان جو روشن مستقبل توهان جي هٿ ۾ آهي مون کي يقين آهي ته وطن واپس اچڻ تائين توهان جديد ترين تعليم ۽ ٽيڪنيڪ سان ليس ٿي چڪا هوندا ۽ پاڪستان جي زراعت ۾ انقلاب آڻيندا جيڪو اسان جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) حال ۽ مستقبل جا علم آهن، جيڪڏهن اسان کي معيشت کي مجموعي طور تي تبديل ڪرڻو آهي ته ان جو مرڪز زراعت ئي آهي، توهان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو، وطن واپسي تي وزيراعظم هائوس ۾ توهان کي گهرايو ويندو. وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پختي عزم جي توثيق ڪندي چيو ته زراعت، سائنس، جدت ۽ ڳوٺاڻي ترقي جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌايو ويندو، اسان پنهنجي يونيورسٽين، سائنسدانن، محققين ۽ نوجوانن جي وچ ۾ مضبوط اداراجاتي رابطو قائم ڪندا رهنداسين ته جيئن دوستي جو جيڪو ٻج اڄ اسان پوکي رهيا آهيون اهو ايندڙ نسلن جي لاءِ خوشحالي ۽ گڏيل ترقي جو ميوو ڏي. ان کان اڳ چائنيز اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز جي صدر هوانگ سان وين چيو ته سي اي اي ايس چين جو قومي جامع زرعي تحقيق جو ادارو آهي، اها اڪيڊمي 1957ع ۾ قائم ٿي، اسان جي اداري جو مقصد زرعي ۽ ڳوٺاڻي ترقي ۽ سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي چئلينجز جو تحقيق ۽ جدت جي ذريعي حل ڳولڻ آهي، گذريل 5 سالن ۾ اسان 300 کان وڌيڪ ٻطرفي حصيدارن ۽ 50 عالمي تنظيمن سان حصيداري قائم ڪئي آهي، اسان کي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ميزباني جو اعزاز حاصل ٿي رهيو آهي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جامع اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري ۾ ڪاس چين ۽ پاڪستان جي قيادت ۽ حڪومتن جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ اتفاق راءِ تي عملدرآمد ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ڪاس 2024ع ۾ پاڪستان زرعي تحقيقي ڪائونسل سان هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ته جيئن جامع تعاون کي مضبوط بڻائي سگهجي، ان کانسواءِ ڪاس گذريل سال سدرن ٽيلنٽ انيشي ايٽو تحت 86 تربيت ماڻيندڙن جو پڻ استقبال ڪيو، ڪاس مسلسل ٽن اجلاسن ۾ چين پاڪستان گڏيل زرعي ورڪنگ گروپ جي ميزباني پڻ ڪري چڪو آهي، 2025ع ۾ انهي گڏيل ورڪنگ گروپ تحت ٽيون پاڪستان زرعي ٽيڪنالاجي ورڪنگ گروپ پڻ قائم ڪيو ويو، ڪاس پاڪستان جي 10 کان وڌيڪ حصيدار ادارن سان اٽڪل سمورن علمي شعبن ۾ ويجهو تعاون ڪري رهيو آهي، اسان هيستائين مجموعي طور تي 216 پاڪستاني پي ايڇ ڊي ۽ ماسٽرز شاگردن کي تعليم فراهم ڪري چڪا آهيون. هن چيو ته ڪاس ان عزم تي قائم آهي ته اهو زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪندو. ڪوآرڊينيٽر زراعت ۽ غذائي تحفظ احمد عمير چيو ته پاڪستان چين سان تعاون جي ذريعي پنهنجي زرعي شعبي ۾ ڪجهه مهينن ۾ تبديلي آڻي سگهي ٿو، وزيراعظم جي نمايان قدمن ۾ هڪ هزار زرعي گريجوئيٽس جي چين ۾ تربيت شامل آهي، چين مان تربيت حاصل ڪندڙ زرعي گريجوئيٽس پاڪستان ۾ زرعي تحقيق ۽ ٽيڪنيڪي معلومات جي فروغ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جو سنگين چئلينج درپيش آهي، پي اي آر سي پاڪستان ۾ ڪاس جي برابر ادارو آهي، پي اي آر سي ۾ پاڪستان ۽ سڄي دنيا خاص طور تي چين جا ناليوارا سائنسدان ڪم ڪندا، اسان پنج سينٽر آف ايڪسي لينس قائم ڪري رهيا آهيون، پهريون سينٽر آف ايڪسي لينس فصلن ۽ باغباني جي شعبي ۾ تحقيق جي لاءِ قائم ڪيو پيو وڃي، سمورا سينٽرز آف ايڪسي لينس ايگريڪلچر ريسرچ سينٽر ۾ قائم ڪيا ويندا، اسان مستقبل جي لاءِ هڪ ڊگهي مدي وارو اسٽريٽجڪ تعلق چاهيون ٿا ۽ چيني ۽ پاڪستاني سائنسدانن جي وچ ۾ مستقل تحقيقي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، اسان زراعت کي ٻج کان وٺي کاڌي جي ميز تائين جي پوري عمل کي ٺوس انداز ۾ فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ گڏيل تعاون کي فروغ ڏنو ويندو. تقريب ۾ وزيراعظم کي چائنيز اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز جي معاملن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، چائنيز اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز جي صدر پروفيسر هوانگ سان وين وزيراعظم کي اعزازي پروفيسرشپ جو سرٽيفڪيٽ پڻ پيش ڪيو. هوڏانهن وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ ۾ ناليواري چيني ڪمپنين جي اعلى سطحي وفدن سان ملاقاتون ڪيون، جن ۾ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت اقتصادي، صنعتي ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف فيمسن جي وفد سان ملاقات ڪئي جنهن جي قيادت ڪمپني جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر زينگ جون چن ڪري رهيو هو. وزيراعظم پاڪستان جي زرعي شعبي خاص طور تي اناج ذخيرو ڪرڻ، فيڊ جي پيداوار ۽ غذائي تحفظ جي حوالي سان فيمسن جي ڊگهي مدي وارين خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم فصلن جي واڍيءَ کانپوءِ ٿيندڙ نقصانن ۾ گهٽتائي کي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل قرار ڏيندي فيمسن کي خصوصي اقتصادي زونز ۽ گرين پاڪستان انيشي ايٽو تحت فراهم ڪيل مراعتن مان فائدو کڻندي پاڪستان ۾ مينوفيڪچرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جون سهولتون قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم شينڊونگ زون شو گروپ ڪارپوريشن جي چيئرمين هائو جيان شن ۽ ان جي وفد سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ سامونڊي شعبي جي ترقي، بيٽري مينوفيڪچرنگ، معدنيات جي پراسيسنگ ۽ صنعتي تعاون جي شعبن ۾ گروپ جي وڌندڙ سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف زن شو گروپ جي زن شو اسپيشل اڪنامڪ زون، پورٽ قاسم ۾ سي ٽو اسٽيل منصوبي، گوادر ۽ اتر معدنياتي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم انهن اسٽريٽجڪ منصوبن جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي مڪمل تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت انهن تي تيز رفتار عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چائنا ڪميونيڪشنز ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي چيئرمين زانگ بنگنان ۽ چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن جي اعلى نمائندن سان پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم گذريل ڇهن ڏهاڪن کان پاڪستان ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي، خاص طور تي قراقرم هاءِ وي ۽ رشڪئي اسپيشل اڪنامڪ زون جهڙن اهم منصوبن ۾ انهن ڪمپنين جي ڪردار کي ساراهيو. هن سي پيڪ تحت ايم ايل – 1، قراقرم هاءِ وي جي ري الائنمنٽ ۽ رابطن جي ٻين منصوبن تي تيزي سان اڳڀرائي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ سي آر بي سي کي بنيادي ڍانچي کي جديد بڻائڻ ۽ علائقائي رابطن جي فروغ ۾ ڊگهي مدي واري اسٽريٽجڪ حصيدار سمجهي ٿو. چيني ڪمپنين پاڪستان جي اقتصادي صلاحيت تي پنهنجي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪندي زراعت، صنعتي پيداوار، لاجسٽڪس، بنيادي ڍانچي ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. انهن ملاقاتن ۾ وزيراعظم جي معاونت وفاقي وزيرن ۽ اعلى سرڪاري عملدارن ڪئي، جن کي انهن ڪاروباري ملاقاتن ۾ ڪيل فيصلن تي موثر ۽ وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي.