بيجنگ(عوامي آواز نيوز) وزيراعظم شهباز شريف جي دورئه چين جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقاتن، معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن بابت پاڪستان ۽ چين جو گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف 23 کان 26 مئي تائين چين جو سرڪاري دورو ڪيو، جنهن دوران هن چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقاتون ڪيون. ان دوري جي موقعي تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ 75 ساله سفارتي لاڳاپن جون تقريبون پڻ منعقد ڪيون ويون.گڏيل اعلاميي جا اهم نڪتا هي آهن، ٻنهي ملڪن افغانستان جي معاملي تي هڪٻئي سان ويجهو رابطو رکڻ ۽ پاڪ-چين اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪستان ”ون چائنا پاليسي“ تي پنهنجي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندي تائيوان جي معاملي تي چين جي ڀرپور ساٿ جو عزم ڪيو. ٻئي طرف، چين پڻ پاڪستان جي خودمختاري ۽ سلامتي لاءِ پنهنجي غير متزلزل حمايت جو اعادي ڪيو.چين پاران شنگھائي تعاون تنظيم (SCO) جي ايندڙ صدارت لاءِ پاڪستان جي حمايت ڪئي وئي. گڏوگڏ، سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ ايران-آمريڪا جنگ بندي لاءِ پاڪستاني ڪوششن کي پڻ ساراهيو ويو.دفاعي تعاون: ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ٿيو.ڪالعدم ٽي ٽي پي، ايسٽ ترڪستان اسلامڪ موومينٽ يا ڪنهن به ٻئي گروهه کي پنهنجي ڌرتي استعمال ڪري علائقائي سلامتي کي نقصان پهچائڻ يا دهشتگردي جي سرگرمين جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پاڪستان ۾ چيني شهرين ۽ منصوبن جي سڪيورٽي کي وڌيڪ سخت ڪرڻ جو عزم به ظاهر ڪيو ويو. سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقي ۽ گوادر پورٽ کي علائقائي رابطائي مرڪز بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته ٻين ملڪن کي به سي پيڪ منصوبن ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي. قراقرم هاءِ وي (ٿاڪوٽ رائيڪوٽ منصوبو) مرحليوار مڪمل ڪرڻ ۽ خنجراب پاس ذريعي پاڪ-چين زميني رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ٽيڪسٽائل، هوم اپلائنسز، معدنيات، تيل ۽ گئس جي شعبن ۾ صنعتي تعاون وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. چين پاران پاڪستاني زرعي شين کي پنهنجي مارڪيٽن تائين وڌيڪ رسائي ڏيڻ تي به آمادگي ظاهر ڪئي وئي.ٻنهي ملڪن مصنوعي ذهانت (AI)، ڊيجيٽل معيشت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.تربيت ۽ خلائي مشن: چين 2025 کان 2029 تائين پاڪستان لاءِ 3 هزار تربيتي موقعا فراهم ڪندو. ان کان علاوه، ٻن پاڪستاني خلا بازن کي چين ۾ تربيت ڏني ويندي، جنهن کانپوءِ هو چين جي اسپيس اسٽيشن تي ويندڙ پهرين پرڏيهي خلا باز بڻجي سگهن ٿا.وزيراعظم جي هن دوري دوران پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين وچ ۾ 7 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ويون آهن.