بجيٽ تيارين ۽ معاشي سڌارن تي حڪو متي ڪارڪردگي ڳڻتي جوڳي آهي:نــويــد قــمــر

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) قومي اسيمبليءَ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ  ڪميٽيءَ جي چيئرمين نويد قمر بجيٽ تيارين ۽ معاشي سڌارن تي حڪومت جي ڪارڪردگي کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اجلاس دوران چيئرمين نويد قمر اڻ سڌن ٽيڪسن ۽ پيٽروليم ليوي تي انحصار ڪرڻ کي هڪ خطرناڪ رجحان قرار ڏنو. هن چيو ته ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ بدران عوام تي مسلسل اضافي بار وڌو پيو وڃي هن انڪشاف ڪيو ته ايف بي آر 10 مهينن ۾ 680 ارب روپين کان وڌيڪ جو ٽيڪس شارٽ فال (ٽيڪس هدف ۾ گهٽتائي) پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. نويد قمر ٻڌايو ته حڪومت 10 مئي تائين ”بجيٽ اسٽريٽجي پيپر“ جاري ڪرڻ ۾ به ناڪام وئي آهي. ايف بي آر جي نمائندي ڪميٽيءَ کي ٻڌايو ته ايندڙ بجيٽ 2026-27 ۾ پراپرٽي (ملڪيت) جي خريد و فروخت تي ٽيڪس ۾ گهٽتائيءَ جو امڪان آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پراپرٽي ويليوشن ريٽس (ملڪيت جي سرڪاري قيمتن جي شرح) کي اڳيئي گهٽ ڪيو ويو آهي.ڪميٽيءَ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته بجلي ۽ گئس جو مجموعي گردشي قرض 5100 ارب روپين تائين پهچي چڪو آهي، جيڪو گذريل سال 3500 ارب روپيا هو، جڏهن ته مجموعي پرڏيهي قرض 137 ارب 56 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي ويو آهي.خزاني بابت اسٽينڊنگ  ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 2026-27 جي بجيٽ لاءِ پاڪستان جي معاشي صورتحال ۽ مالي ترجيحن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ اڀرندڙ معاشي خطرن، آءِ ايم ايف پروگرام جي ڪارڪردگي، ۽ بنيادي سڌارن جي ضرورتن تي خاص ڌيان ڏنو ويو. ڪميٽيءَ کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته تدريجي معاشي بحاليءَ جي آثارن جي باوجود پاڪستان اڃا تائين ”غير مستحڪم استحڪام“ جي رستي تي آهي.جي ڊي پي جي شرح: مالي سال 2026-27 لاءِ جي ڊي پي جي واڌ جي شرح 3.5 سيڪڙو کان 4.5 سيڪڙو جي وچ ۾ متوقع آهي.مهانگائي: مهانگائيءَ جي شرح هڪ ڀيرو ٻيهر ٻن انگن (Double Digits) ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ اپريل 2026ع ۾ سالياني بنياد تي 10.9 سيڪڙو تائين پهچي وئي. ڪميٽيءَ ٽيڪس نيٽ وڌائڻ بدران اڻ سڌي طرح لڳندڙ ٽيڪسن ۽ پيٽروليم ليوي تي مسلسل انحصار ڪرڻ تي سخت تحفظات جو اظهار ڪيو. ڪميٽيءَ جي چيئرمين گردشي قرضن جي وڌندڙ بار، سرڪاري ادارن ۾ سڌارن جي سستي رفتار، مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت سبب وڌندڙ سماجي توڙي معاشي دٻاءُ تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.